استاد خالد چانڊيو

Author Name

مشھور اديب ترجمي نگار ۽ ڪالم نگار استاد خالد چانڊيي جو پورو نالو خالد سيف الله ولد امان الله چانڊيو آهي. سندس جنم 15 آگسٽ 1961ع تي ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيي، تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر-شھدادڪوٽ ۾ ٿيو سندس والد ناميارو صحافي ھيو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي بہ ساڳئي ڳوٺ جو رهواسي ، سندس نانا جو ننڍو ڀاءُ ۽ گڏوگڏ سندس پڦڙ هو. ابتدائي تعليم پرئڪٽسنگ اسڪول حيدرآباد، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين. هن گريجوئيشن شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. استاد خالد چانڊيو ڪيترن ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان سلھاڙيل رهيو آهي. هي ’انٽرنيشنل صوفي فائونڊيشن‘ لاڙڪاڻي جو ڪوآرڊينيٽر، رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻي جو صدر، انجمن ترقي پسند مصنفين جو سيڪريٽري، ايمنسٽي انٽرنيشنل لاڙڪاڻي جو صدر، لبرل فورم پاڪستان لاڙڪاڻي جو صدر ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر رهيو آهي، واپڊا ۾ ملازمت تان رٽائر آهي. سندس تحقيقي، تاريخي، سياسي ۽ سماجي موضوعن تي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. هن جا هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن: (1)گانڌيءَ جو قتل (ترجمو: 2002ع)، (2)امام انقلاب منصور حلاج (تـرجـمـو: 2002ع)، (3) قربان جـتوئي: شـخصيـت خـدمتـون ۽ قــد ڪھاڻي، (4) سياست،سماج ۽ آزادي. (5)سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو خدمتگار.  ان کان سواءِ هن ناليواري قانوندان عبدالرزاق سومري جي يادگيرين جي ڪتاب جا ٻہ ڀاڱا ’يادن جي ڳڙکيءَ مان‘ جولاءِ 2011ع ۾، رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻي پاران ڇپرايو. ٻيو ڀاڱو "جيئن جيئن ورق ورن" جي نالي سان ترتيب ڏنو جيڪو 2022ع ۾ پيڪاڪ پبلشرس پاران ڇپيو.
 کيس ادبي ۽ سماجي خدمتن عيوض 2007ع ۾ ’صوفي اوارڊ‘ سميت ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفيڪيٽ مليل آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي استاد خالد چانڊيو جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


استاد خالد چانڊيو جا ڪتاب

سراج:  سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ، ليکڪ : استاد خالد چانڊيو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ
ليکڪ : استاد خالد چانڊيو
سياست، سماج ۽ آزادي، ليکڪ : استاد خالد چانڊيو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سياست، سماج ۽ آزادي
ليکڪ : استاد خالد چانڊيو
گانڌيءَ جو قتل، ليکڪ : استاد خالد چانڊيو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
گانڌيءَ جو قتل
ليکڪ : استاد خالد چانڊيو
يادن جي ڳڙکيءَ مان (يادگيريون - ڀاڱو پھريون)، مُرتب : استاد خالد چانڊيو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
يادن جي ڳڙکيءَ مان (يادگيريون - ڀاڱو پھريون)
مُرتب : استاد خالد چانڊيو
جيئن جيئن ورق ورن (يادگيريون - ٻيو ڀاڱو)، مُرتب : استاد خالد چانڊيو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جيئن جيئن ورق ورن (يادگيريون - ٻيو ڀاڱو)
مُرتب : استاد خالد چانڊيو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ