سجاد مهر

Author Name

ڪالم نگار ۽ شاعر سجاد مهر جو اصل نالو الهورايو ولد شمس الدين مهر آهي. سندس جنم 30 مئي 1969ع تي شڪارپور شهر ۾ ٿيو. هيءُ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس)، ايم. اي (انگلش) ۽ ايم. ايڊ آهي ۽ پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد آهي. سجاد مهر لکڻ جي شروعات 1986ع کان ڪئي، شروع ۾ سندس لاڙو شاعريءَ طرف هو ۽ سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي، بعد ۾ اديب ۽ صحافي اعجاز منگيءَ جي صحبت ۾ اچي نثر لکڻ شروع ڪيائين. سندس همعصر ڪالم نگارن ۾ اشفاق آذر ۽ عديل مهر شامل آهن. سجاد مهر سـنـڌ جي سيـاسـي، سماجي مسئلـن ۽ بين الاقوامي معاملن تي ڪالم لکندو رهي ٿو. سندس ڪالم روزاني سنڌي اخبارن ڪاوش، ڪوشش، سوڀ، عوامي آواز اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. سنڌي ادبي سنگت، شڪارپور جو سيڪريٽري ۽ ميمبر به رهي چڪو آهي. کيس ادبي خدمتن عيوض ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ به مليل آهن.
سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”رقص منھنجي روح جو“ 2014ع ۾ ڇپيل آھي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سجاد مهر جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


سجاد مهر جا ڪتاب

رقص منهنجي روح جو، ليکڪ : سجاد مهر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
رقص منهنجي روح جو
ليکڪ : سجاد مهر
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ