مور ساگر

Author Name

محمد خان مور ساگر جوڻيجو، 1 جنوري 1979ع تي ڳوٺ ميون ملوڪ، تعلقو تلھار، ضلع بدين، سان تعلق رکندڙ محمد رمضان جوڻيجو جي گهر ۾ جنم ورتو. جنھن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ميون ملوڪ ورتي جڏهن ته مئٽرڪ هاءِ اسڪول رپ، انٽر اسلاميه ڊگري ڪاليج بدين حاصل ڪئي. بيچلر ۽ ماسٽر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي.

ملازمتو
همت پرنٽرز حيدرآباد تي 1996ع کان 1997ع (آپريٽر)، ساگر پريس بدين 1997ع کان 2000ع تائين (مئنيجر)، الرزاق پرنٽرز حيدرآباد 2001ع کان 2010ع (ڊزائينر/ آپريٽر). ساحل پرنٽرز اينڊ پبليڪيشن حيدرآباد 2011ع کان (ذاتي ڪاروبار).

ادبي سفر
1995ع ۾ ادبي سفر جي شروعات ڪئي، ادبي دُنيا ۾ شاعري، ڪالم، ڪھاڻيون، ڊائري، سفرنامه، خط لکيا.

شاعري ۾: غزل، نظم، وايون، بيت، چئوسٽا، پنج ڪڙا، ترائيل، سانيٽ، دوها، گيت، ڪنٽ، رينگا، ڇتارا، هائيڪا، ڏيڊ سِٽا لِکيا آهن.

رِسالا: پھريون نظم پندرنھن روزا عبرت مئگزين ۾ شايع ٿيو. اُن کانپوءِ باقائد سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙچ مان نِڪرندڙ سمورن رسالن ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪيم جن مان، پندرنھن روزا عبرت، ماهوارا سوجھرو، ماهوار صبح ٿيندو، ماهوار ساڃاهه، ماهوار مومل، ماهوار غزل، ماهوار سنڌ اسٽار، ماهوار ينگ جنريشن، ماهوار انٽرنيشنل لائينز، ماهوار نئين زندگي، ماهوار هالار، ماهوار چانڊوڪي، ماهوار ڪاڪ، ماهوار ڪينجھر، ماهوار ادب، ماهوار سڏ، ماهوار رچنا، ماهوار سنڌ رائيٽر، ماهوار نئين سوچ، ماهوار پيغام احمد، سليلوار سماج سُڌار، سلسليوار جاکوڙ، سلسليوار آڪاش، ڪاليج ميگزين لاڙ، سلسليوار ڏياٽي، سلسليوار سنڌ راڻي وغيره.

اخبارون: روزاني آفتاب، روزاني، بخت ور، روزاني خادم وطن، روزاني شام، روزاني عبرت ۾ شاعري شايع ٿي چُڪي آهي.

سنڌي ادبي سنگت: سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين جو ڪائونسلر، جوائنٽ سيڪريٽري، سيڪريٽري طور ڪم ڪيو. ايوارڊ: سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان، ڀٽائي آرٽ ڪائونسل طرفان، رانجھاڻي آرٽ سرڪل طرفان، يعقوب ذرڪريا يادگار ايوارڊ، شهباز دُراني يادگار ايوارڊ.

سرٽيفڪيٽ:
سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان، ماهوار هالار ۽ ماهوار سنڌ رنگ طرفان، بدين مئگزين طرفان، اين جي او ڊور طرفان،

تصنيفون
ڇپيل ڪتاب: پيار جي پنڌ ۾ (شاعري) 2005ع، حيدرآباد کان هنزه تائين (سفرنامو) 2014. پيار جي پنڌ ۾ (شاعري) ٻيو ڇاپو 2018ع، مور اِن ملائيشيا (سفرنامو) 2018ع.

اڻ ڇپيل ڪتاب: ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو (خط)، زندگي جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾ (سنڌ جو سفر). شاعري جو نئون سھڙيل ڪتاب.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مور ساگر جا ڪُل 6 ڪِتاب موجود آھن


مور ساگر جا ڪتاب

حيدرآباد کان هنزه تائين، ليکڪ : مور ساگر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
حيدرآباد کان هنزه تائين
ليکڪ : مور ساگر
پيار جي پنڌ ۾، ليکڪ : مور ساگر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پيار جي پنڌ ۾
ليکڪ : مور ساگر
مور ان ملائيشيا، ليکڪ : مور ساگر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
مور ان ملائيشيا
ليکڪ : مور ساگر
زندگيءَ جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾ (ڀاڱو پهريون)، مصنف : مور ساگر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
زندگيءَ جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾ (ڀاڱو پهريون)
مصنف : مور ساگر
سھڻي منھنجي سنڌ، مصنف : مور ساگر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سھڻي منھنجي سنڌ
مصنف : مور ساگر
سنڌ منھنجي جِند، مصنف : مور ساگر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌ منھنجي جِند
مصنف : مور ساگر
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ