عبدالسلام ٿھيم

Author Name

ڪھاڻيڪار عبدالسلام ولد محمد مبارڪ ٿھيم، ضلعي سجاول جي ساحلي پٽيءَ واري شھر جاتيءَ ۾، 15 مارچ 1980 ۾ ڄائو. هن پرائمريءَ کان سيڪنڊريءَ تائين تعليم جاتي ۽ سجاول مان حاصل ڪئي. ايم. اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان حاصل ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات مختلف اين جي اوز ۾ ڪم ڪرڻ کان ڪئي. 2004ع کان تعليم کاتي ۾ استاد آهي. سندس ننڍپڻ کان ئي ادب ڏانھن لاڙو هو. سندس مامو نورالدين نفيس پنھنجي وقت جو ناليوارو شاعر ۽ ڪھاڻيڪار هو، جنھن جي رهنمائيءَ ۾ ادب طرف آيو. لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪيائين. سندس پھرين ٻارن لاءِ ڪھاڻي روزاني ھلال پاڪستان جي ٻارن جي ادبي صفحي ۾ شايع ٿي. ھن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ٻارن جي ھفتيوار پروگرام ۾ اصلاحي خاڪا پڻ لکيا. 2006ع کان وڏن لاءِ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيائين. عبدالسلام ٿھيم، 2007ع ۾ ٻارن لاءِ علمي، ادبي رسالو ”روشن تارا“ جاري ڪيو، جنھن جو پاڻ ايڊيٽر ھو. ھن رسالي جا 17 شمارا جاري ڪيائين. ھن ڪھاڻين سان گڏ ڪجهہ اسٽيج ڊراما پڻ لکيا آهن، جيڪي جاتي شھر ۾ وقت بوقت اسٽيج تان پيش ٿيا. سندس ڪھاڻين جا ٽي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾ ”مينهن آيو ڊوڙي“ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون)، ”اوسيئڙي ۾ جڙيل آس“ (ڪھاڻيون) ۽ ”گلن سان تعزيت“ (ڪھاڻيون) کان سواءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران سندس ڪتاب ”مينهن آيو موٽي“ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) 2017ع ۾ ڇپيو ويو.

عبدالسلام ٿھيم، ٿورو عرصو گڙدن جي بيماريءَ کي جهيڙيندي 31 مارچ 2023ع تي ڪراچيءَ جي SIUT ۾ وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عبدالسلام ٿھيم جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


عبدالسلام ٿھيم جا ڪتاب

اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس، ليکڪ : عبدالسلام ٿھيم

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس
ليکڪ : عبدالسلام ٿھيم
گُلن سان تعزيت، ليکڪ : عبدالسلام ٿھيم

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
گُلن سان تعزيت
ليکڪ : عبدالسلام ٿھيم
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ