ماھتاب محبوب

Author Name

مھتاب محبوب سنڌي ادب جي سموري عورت ليکڪائن ۾ منفرد حيثيت جي ڪهاڻيڪارہ آهي. هوءَ هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪاره، خاڪا نويس، سفرناما نويس، مضمون نگار ۽ ناول نگار پڻ آهي. سندس لکڻين جي پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو موجود آهي. 
مھتاب محبوب 14جولاءِ 1950ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم، ”سينٽ ميريز ڪانوينٽ“ ۽ ”مدرستہ البنات“ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ گرلز ڪاليج، حيدرآباد مان گريجوئيشن ڪيائين. 
مهتاب محبوب، پنهنجي ادبي سفر جي شروعات ٻالڪپڻي ۾ ٻاراڻي ادب سان ۽ پوءِ ڪهاڻين جي ترجمن سان ڪئي. پهرينءَ هوءَ مهتاب منور عباسي، جي نالي سان لکندي هئي، پر محبوب شيخ سان شادي ٿيڻ کان پوءِ هوءَ ”مهتاب محبوب“ جي نالي سان لکندي رهي آهي. مهتاب سٺ واري ڏهاڪي کان باقاعده لکندي پئي اچي. هن ڪيترائي نفسياتي مضمون ۽ تحقيقي مقالا پڻ لکيا، جيڪي ان وقت ”نئين زندگي“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندا هئا. سندس پهرين طبعزاد ڪهاڻي ”ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي،“ آهي. جيڪا ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿي. 
شروعاتي دور ۾ هن جي ڪجهه ڪهاڻين کي ٽي-وي لاءِ ڊرامه ٽائيز پڻ ڪيو ويو. هن ريڊيو لاءِ به ڪيترائي فيچر لکيا، جن کي مهتاب چنه (مهتاب راشدي) ”اديون ڇا ٻڌايان؟“ جي سري هيٺ پڙهندي هئي. هيلتائين ماهتاب جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪُل پندرهن آهي. چوڏهن سنڌ ۾ ۽ هڪ هند ۾، جن جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، جن ۾: 
”چانديءَ جون تارون“ (ڪهاڻيون)، ”پرهه کان پهرين“ (ڪهاڻيون)، ”مٺي مُراد“ (ڪهاڻيون)، ”لهر لهر زندگي“ (ڪهاڻيون)، ”پلصراط“ (اردو ترجمي سان چونڊ ڪهاڻيون)، ”چانڊيءَ جون تارون ۽ پرهه کان پهرين“ (گڏيل مجموعو/ڪهاڻيون)، ”اندر جنين اُڃ“ (هند جو سفرنامو)، ”سُرهي سرهي سار“ (هند جو سفرنامو)، ”راهون چنڊ ستارا“ (فارايسٽ ۽ ٿائي لينڊ جو سفر نامو)، ”ورهاڱي جو ورجاءُ“ (مضمون ۽ ڪالم وغيره)، ”خواب خوشبو ڇوڪري“ (ناول)، ”پيار پناهون ڇانورا“ (ناول)، ”جيءُ جهروڪا“ (خاڪا)، ”جيءُ جهروڪا“ (هندي ۾ ڇپيل). 
مهتاب محبوب سنڌي ادب جي اها ليکڪا آهي، جا ادب جي کيتر ۾ لڳاتار پنهنجي قلم جي وسيلي موجود آهي. هوءَ لڳاتار سچائي ۽ جرئت سان زندگيءَ جي مختلف روپن جا چتر چٽيندي رهي آهي. جا ڳالهه نه رڳو سنڌي ادب لاءِ نيڪ سوڻ آهي، پر خود ليکڪا جي لاءِ پڻ اُملهه اعزاز آهي. 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ماھتاب محبوب جا ڪُل 9 ڪِتاب موجود آھن


ماھتاب محبوب جا ڪتاب

اندر جنين اُڃ، ليکڪ : ماھتاب محبوب

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اندر جنين اُڃ
ليکڪ : ماھتاب محبوب
پيار پناهون ڇانورا، ليکڪ : ماھتاب محبوب

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پيار پناهون ڇانورا
ليکڪ : ماھتاب محبوب
مٺي مراد، ليکڪ : ماھتاب محبوب

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
مٺي مراد
ليکڪ : ماھتاب محبوب
ورھاڱي جو ورجاءُ، مصنف : ماھتاب محبوب

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ورھاڱي جو ورجاءُ
مصنف : ماھتاب محبوب
راھون چنڊ ستارا، مصنف : ماھتاب محبوب

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
راھون چنڊ ستارا
مصنف : ماھتاب محبوب
خواب خوشبو ڇوڪري، مصنف : ماھتاب محبوب

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
خواب خوشبو ڇوڪري
مصنف : ماھتاب محبوب
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ