طارق اشرف

Author Name

نامور اديب ۽ سهڻي رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف جو پورو نالو سيد اشرف علي ولد سيد لطف علي شاهه هو، سندس جنم 5 جولاءِ 1940ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. هن شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ ئي حاصل ڪئي. سندس تعليم ايم.اي (سنڌي) هئي. طارق اشرف کي ادبي ذوق ننڍي هوندي کان ئي هو. جڏهن به خرچي ملندي هيس ته هو حيدرآباد جي بوڪ ڊپو تان ڪتاب وڃي وٺندو هو. هن ننڍي عمر ۾ ئي ٽئگور، شرت چندر بئنر جي ۽ ٻين جا اڪثر ڪتاب پڙهي ڇڏيا. سندس پهرين ڪهاڻي ’دري‘ عبرت مخزن ۾ 1960ع ۾ ڇپي، تڏهن عبرت مخزن جو ايڊيٽر ’پروانو ڀٽي‘ هوندو هو، پر طارق اشرف جي صحيح معنيٰ ۾ ادبي ميدان ۾ واقفيت شمشيرالحيدري، ٽماهي ’مهراڻ‘ وسيلي ڪرائي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ ’مهراڻ‘ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر هو. 1960ع ۾ طارق اشرف پنهنجي دوست غلام نبي مغل سان گڏجي هڪ اشاعتي ادارو ’اداره ادب نو‘ قائم ڪيو، جنهن هڪ ٻئي پٺيان ٽي ڪتاب شايع ڪيا. ’پهريون قدم‘، ’ٻيو قدم‘، انهن مان پهرينءَ ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جا شعر ۽ ڪهاڻيون ۽ ٻئي ۾ فقط ڪهاڻيون هيون. اداري جو ٽيون ڪتاب ’شمشير الحيدري‘ جي شاعريءَ جو ڪتاب ’لاٽ‘ هو، جون 1964ع ۾ هن اداري ٻه ڪتاب، طارق اشرف جي ڪهاڻين جو ڪتاب ’سونهن پٿر ۽ پيار‘ ۽ غلام نبي مغل جو ڪتاب ’نئون شهر‘ ٻٽو ڪتاب ڪري ڇپايو. ٻٽو ڪتاب سنڌ ۾ پهريون تجربو هو، هن ڪتاب کي ٻنهي پاسي ٽائيٽل هئا، هڪ پاسي ’سونهن پٿر ۽ پيار‘ ۽ ٻئي پاسي ’نئون شهر‘. طارق اشرف جو ٻيو ڪهاڻيءَ جو ڪتاب ’زندگيءَ جو تنها مسافر‘ 1978ع ۾ ۽ ٽيون ڪهاڻي ڪتاب ’درد جا ڏينهن، درد جون راتيون‘ 1982ع ۾ ڇپيو. 1992ع ۾ طارق اشرف جي ٽنهي ڪتابن ۽ وڌيڪ لکيل ڪهاڻين کي هڪ ئي مجموعي ’بند اکين ۾ ڪجهه سپنا، ڪجهه يادون‘ ۾ ڇپيو ويو. هن ’اداره نو ادب‘ پاران ڪجهه ڪتاب ڇپرائڻ کانپوءِ دوستن جي صلاح ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن سٺي رسالي جي نه هئڻ کي محسوس ڪري ’ماهوار سـُهڻي‘ جو اجراءُ ڪيو ۽ اهو مخزن لڳاتار 9 سال ڪڍيائين. طارق اشرف کي ’اظهار جي آزادي‘ جي ڏوهه ۾ ٻه ڀيرا جيل ۾ وڌو ويو. پهريون ڀيرو 1975ع ۾ ٻاويهن مهينن تائين جيل ۾ قيد رهيو. اهو جيل وارو عرصو پڻ هن جي لکڻ جي حوالي سان سجايو ويو. جيل ۾ پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين جهڙوڪ: ٻاويهه مهينا جيل ۾ ’ٻه ڀاڱا‘، ’جيل گهاريم جن سان‘، ’اڌ ملاقات‘، ’ميرو ڌاڙيل‘ وغيره. ٻيو ڀيرو طارق اشرف کي ايم.آر.ڊي تحريڪ دوران 1983ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. اهو جيل وارو عرصو ٽن مهينن تي ٻڌل هو، جنهن هن کان ’هٿين هٿ ڪڙول (جيل جي ڊائري)‘ لکرايو. مٿئين رسالي ۽ ڪتابن کانسواءِ هن 79-1978ع ۾ ’تخليق پبليڪيشن‘ جي سري سان به ڪجهه ڪتاب ’چڱو ادب‘، ’سيهوڳي ادب‘ وغيره ڪتابي سلسلن طور ترتيب ڏنا. طارق اشرف ۽ سهڻي جو ڪردار سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت والاري ٿو.طارق اشرف 14 اپريل 1992ع تي وفات ڪئي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي طارق اشرف جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


طارق اشرف جا ڪتاب

ميرو ڌاڙيل، ليکڪ : طارق اشرف

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ميرو ڌاڙيل
ليکڪ : طارق اشرف
جيل گهاريم جن سان، ليکڪ : طارق اشرف

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جيل گهاريم جن سان
ليکڪ : طارق اشرف
ھٿين ھٿ ڪڙول، ليکڪ : طارق اشرف

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ھٿين ھٿ ڪڙول
ليکڪ : طارق اشرف
بند اکين ۾ ڪجه يادون ڪجه سپنا، مصنف : طارق اشرف

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
بند اکين ۾ ڪجه يادون ڪجه سپنا
مصنف : طارق اشرف
انٽرويو، مصنف : طارق اشرف

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
انٽرويو
مصنف : طارق اشرف
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ