فياض لطيف

Author Name

فياض لطيف نامور نثر نويس، مترجم ۽ شاعر آهي. سندس ڇٺيءَ نانءُ بشير احمد ولد محمد حسن چانڊيو آهي. هُو پهرين اپريل ۱۹۷۲ع تي ڳوٺ فقير محمد چانڊيي، تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. هن مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڳيريلي مان، انٽر  حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ مان، گريجوئيشن (بِي.اي) ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.اَي سنڌي ادب ۱۹۹۴ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان ڪئي، جتي هُن ۹۶-۱۹۹۵ع ۾ سچل چيئر ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ سنڌي مضمون ۾ ليڪچرار رهيو. هُو ۲۰۰۲ع کان ليڪچرار سنڌي طور ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هُو ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پِي ايڇ.ڊِي ڪئي اٿس. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ رھيو آھي.
فياض لطيف ۱۹۹۱ع کان ذاتي شوق سبب شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن شاعريءَ ۾ نظم، غزل، بيت ۽ وايون لکڻ سميت ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽ مهاڳ پڻ لکيا آهن. هُو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون مترجم آهي جنهن مشهور فلسفِي رجنيش اوشو جو ڪتاب ”خدا، زندگي، محبت ۽ موت“ نالي سان ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ ٻين ڪتابن ۾ اوريانا فلاسي جو ناول ”اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“، ترجمو ڪيل ”اوشو جي آتم ڪهاڻي“، شاعريءَ جو مجموعو ”چنڊُ ڪڪر جي اوٽ“ ۽ سندس لکيل ادبي خطن جو مجموعو ”خط، خوشبو، خواب“ ڇپجي چُڪا آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو ميمبر رهيو ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو ۽ انڊس لٽرري فورم لاڙڪاڻو سان لاڳاپيل آهي. کيس ”ڪينجهر ترجمو ايوارڊ“، انٽرنيشنل صوفي فائونڊيشن لاڙڪاڻي پاران ”فقير بخش علي ابڙو ايوارڊ“ ۽ سچل ادبي مرڪز پاران ”پير حسام الدين راشدي ايوارڊ ملي چڪا آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي فياض لطيف جا ڪُل 6 ڪِتاب موجود آھن


فياض لطيف جا ڪتاب

خط خوشبو خواب، ليکڪ : فياض لطيف

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
خط خوشبو خواب
ليکڪ : فياض لطيف
دل جي خانه بدوشي، ليکڪ : فياض لطيف

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
دل جي خانه بدوشي
ليکڪ : فياض لطيف
شيخ اياز جي شاعريءَ جو جديد مطالعو، ليکڪ : فياض لطيف

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
شيخ اياز جي شاعريءَ جو جديد مطالعو
ليکڪ : فياض لطيف
شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات، ليکڪ : فياض لطيف

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات
ليکڪ : فياض لطيف
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾  درد جو جمال، ليکڪ : فياض لطيف

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال
ليکڪ : فياض لطيف
اڻ ڄاول ٻار ڏانھن خط، سنڌيڪار : فياض لطيف

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اڻ ڄاول ٻار ڏانھن خط
سنڌيڪار : فياض لطيف
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ