ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

Author Name

پھرين آگسٽ 1972ع ۾ ضلعي خيرپور ميرس جي تعلقي ڪوٽڏجي جي ننڍڙي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ جنم وٺندڙ هڪ نوجوان ڪمال الدين ڄامڙو ڳوٺان ڪراچيءَ اچي ٿو ۽ پوءِ ڪراچيء ۾ ادبي افق تي نروار ٿئي ٿو جنھن ۾ سندس محنت ۽ سچائي شامل آهي.
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو قلمي، علمي ۽ ادبي پورھيو تمام گھڻو آھي. ھو ٻوليءَ جو عاشق تہ هيو ئي پر هن ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ يونيورسٽين پاران سنڌي ٻوليءَ جي شعبي نہ کولڻ تي لکيو، احتجاج ڪيو ۽ ڪتاب ڇپيا. ھن لوڪ ادب لاءِ لکيو، ٽي وي تي پروگرام ڪيا ۽ لوڪ ادب جي تنظيم سلات جو سرپرست ۽ سرواڻ رهيو. دوستن توڙي شاگردن کي سٺيون صلاحون ڏيندو رهيو ۽ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ کين همٿائڻ سان گڏ رهنمائي ڪندو رهيو.  پاڻ وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪئمپس ۾ سنڌي شعبي جا چيئرمين هيا. ان سان گڏ پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان تي بہ گهڻو سرگرم رهيا.
پاڻ نہ صرف لوڪ ادب پر تاريخ، لطيفيات، ثقافت، ٻوليءَ، شاھ لطيف ۽ ادب تي پڻ ڪيترا ڪتاب ڇپيا اٿس. 50 کان مٿي ڪتابن جو ليکڪ، مرتب يا سھيڙيندڙ رهيو. سندن علمي قابليت جو اندازو ان مان بہ لڳائي سگهجي ٿو تہ ريسرچ جنرلز جا ٽيھن جي لڳ ڀڳ شمارا سندن زير نگرانيء ۾ شايع ٿي چڪا آھن، جن ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي مان نڪرندڙ "ڪارونجھر تحقيقي جنرل" ۽ "شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچيءَ مان "ڪلاچي" تحقيقي جنرلز اچي وڃن ٿا. سندس لکيل ڪتاب ڪچھريءَ جا مور (سي ايس ايس) جي نصاب ۾ رکيو ويو آھي.
سرهاڻ ويلفيئر ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان سماجي خدمتون ڪندو رهيو آهي ۽ هن وقت بہ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي ڪراچي شاخ جو صدر هيو. ڪراچيءَ ۾ رهندي بہ پاڻ ڳوٺ کي نہ وسارين ۽ تعليم جي تدريج ۽ واڌاري لاء ھڪ سماجي تنظيم سرھاڻ ويلفيئر سوسائٽي جي پليٽ فارم تان ڳوٺ جي ٻارڙن کي جديد ۽ معياري تعليم فراھم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون.
پاڻ 16 ڊسمبر 2020ع تي ڪراچيءَ ۾ ڊينگي بخار سبب وفات ڪيائون ۽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ سندن تدفين ٿي..

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا ڪُل 6 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا ڪتاب

ڪچهريءَ جا مور، ليکڪ : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪچهريءَ جا مور
ليکڪ : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
ڀٽائي ۽ ڀُونءِ، ليکڪ : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڀٽائي ۽ ڀُونءِ
ليکڪ : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
سنڌي ٻولي ۽ ثقافت، ليکڪ : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌي ٻولي ۽ ثقافت
ليکڪ : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
بهادر ڇوڪري، ليکڪ : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
بهادر ڇوڪري
ليکڪ : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
عشق جي عنايت (فقير علي گوھر وڳڻ جو ڪلام)، مُرتب : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
عشق جي عنايت (فقير علي گوھر وڳڻ جو ڪلام)
مُرتب : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
سنڌي لوڪ ادب (تحقيقي اڀياس)، مصنف : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌي لوڪ ادب (تحقيقي اڀياس)
مصنف : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ