شوڪت حسين شورو

Author Name

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري جو جنم 4 جولاءِ 1947ع تي ٺٽي ضلعي جي تعلقي سجاول جي ڳوٺ حاجي نور محمد شوري ۾ ٿيو .سندس پيءُ عبدالڪريم شورو زميندار هئڻ سان گڏ ناليوارو وڪيل هو ،جيڪو پوءِ جج به ٿي رهيو.هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان چار درجا سنڌيءَ جا پڙهي پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ سجاول جي چانڊيا هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي ،جتانمئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين .1966ع ڌاري سچل آرٽس ڪاليج ،حيدرآباد مان بي .اي( پاس )۽ 1968ع ۾ سنڌي شعبي ،سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي.
هن لکڻ جي شروعات شاگردي واري دور 1964ع ۾ ڪئي ،سندس پهرين ڪهاڻي‘ اکيون روئي پيون’ جي عنوان سان 1964ع ۾ ماهوار روح رهاڻ رسالي ۾ شايع ٿي.سندس ڪهاڻين جا چار مجموعا( 1)‘ گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس’( 1981ع )،(2)‘ اکين ۾ ٽنگيل سپنا’(1983ع )،(3)‘ گم ٿيل پاڇو’( 1989ع )۽( 4)‘ رات جو رنگ’( 2011ع )ڇپجي چڪا آهن .هي پهرين سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي‘ گل ڦل’ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ،بعد ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي بطور اسڪرپٽ پروڊيوسر پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو ،تنهن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ٿيو ،جتي 2006ع تائين خدمت ڪيائين .
شوڪت حسين 1984ع کان 2013ع تائين سنڌي اديبن جي وفدن سان گڏ هندستان جا دورا ڪيا آهن ۽ هتان لڏي ويل هندو سنڌي اديبن سان سندس ادبي ناتا اٿس.سندس ڪيترائي ڊراما مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن .کيس خدمتن جي مڃتا طور بهترين ڪهاڻيڪار سارنگا پبليڪيشن 2001ع سميت ڪيترائي اوارڊ ۽ اعزاز قابل ذڪر آهن .

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي شوڪت حسين شورو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


شوڪت حسين شورو جا ڪتاب

رات جو رنگ، ليکڪ : شوڪت حسين شورو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
رات جو رنگ
ليکڪ : شوڪت حسين شورو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ