موھن ڪلپنا

Author Name

موهن ڪلپنا جو اصل نالو ”موهن بولچند لالا“ هو ۽ سندس وڏا اصل دادو ضلعو جي شهر سيوهڻ جا هئا پر سندس جنم جو شهر ڪوٽڙي آهي. موهن ڪلپنا جو جنم ڏينهن 22 نومبر سال 1930ع آهي. موهن ڪلپنا مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو. دنيا جي عام جفاڪشي کي منهن ڏيڻ واسطي هو اخبار نويسي جي ڌنڌي ۾ وڃي لڳو. اها اخبار هئي روزانه ”سنڌڙي“. سندس زال جو نانءُ ڪمل ۽ ڌيءَ جو گيتا اٿس. موهن ڪلپنا انڊيا جي مهراڻ ادبي سنگت جو چئرمين به رهيو. سندس پهرين رچنا ”آتم هتيا“ ڪهاڻي آهي جيڪا هن 1948ع ڌاري لکي. ان کان پوءِ هن جي لکڻين جي لنبي قطار آهي.
هن جا لڳ ڀڳ ٽيهه کن ڪتاب سنڌ توڙي هند ۾ ڇپجي چڪا آهن ۽ ڏاڍي چاهه سان پڙهيا ويندا آهن. سندس مشهور ڪتاب ”آواره“، ”رڃ ۽ پاڇا“، ”اٺين ڪٿا“، ”تون منهنجي سندرتا جو آرنڀ آهين“، ”درد جو درياءَ“، ”چاندني ۽ زهر“، ”اها شام“، ”اڃا رات باقي آ“، ”فنڪار ۽ فيلسوف“، ”جهاز جي ڊيڪ تي“، ”بک، عشق ۽ ادب“ وغيره آهن.

موهن ڪلپنا ۽ سندس ڇپيل ڪتاب

پيشو: اخبار نويسي. ايڊيٽر روزانه ”سنڌڙي“
ڪٽنب: شادي شده: زال (ڪمل)، ڌيءَ (گيتا)
ادبي سنسٿا: چيئرمن: مهراڻ ادبي سنگت
پهرين رچنا: آتم هتيا (ڪهاڻي) 1948ع

ناول: آواره (1953ع)، لگن (1954ع، سنڌ ۾ 1957ع)، عورت (1956ع)، زندگي (1957ع، سنڌ ۾ 1958ع)، پٿر جو جگر، ميمڻ جي دل (1958ع)، وشواش (1959ع سنڌ ۾ 1960ع)، رڃ ۽ پاڇا (1966ع، سنڌ ۾ 1967ع ۽ 1984ع)، پيار جي پڇاڙي (1969ع)، جلا وطني (1974ع، سنڌ ۾ 1975ع)، تون منهنجي سندرتا جو آرنڀ آهين (1975ع، سنڌ ۾ 1991ع)، ماءُ (1979ع، سنڌ ۾ 1989ع)، ڪانءُ ۽ سمنڊ (1981)، اٺين ڪٿا (سنڌ ۾ 1991ع)، درد جو درياء (سنڌ ۾ 1992ع).

ڪهاڻين جا مجموعا: موهي نرموهي (1981)، چاندني ۽ زهر (1964ع، سنڌ ۾ ’چانڊوڪي ۽ زهر‘ جي عنوان سان 1971ع)، فرشتن جي دنيا (1967)، اُها شام (1981ع، سنڌ ۾ 1982ع).
پيار ۽ پاپ (سنڌ ۾ 1977ع)،
رپورتاج: اڃا رات باقي آهي (1955ع)

ٻارن لاءِ ناول: سرڳ جي ڳولا (1958ع، 1981ع ۽ سنڌ ۾ 1991ع)
مقالو: سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش (1963ع)
جيوني: فنڪار ۽ فيلسوف (1973ع)، آفتاب انقلاب (1975ع)
آتم ڪهاڻي: بک، عشق ۽ ادب (سنڌ ۾ 1984ع ۽ 1991ع)
خط: منهنجا هم وطني (1975)
شاعري: جهاز جي ڊيڪ تي (1983ع)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي موھن ڪلپنا جا ڪُل 9 ڪِتاب موجود آھن


موھن ڪلپنا جا ڪتاب

درد جو درياهه، ليکڪ : موھن ڪلپنا

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
درد جو درياهه
ليکڪ : موھن ڪلپنا
بک عشق ادب، ليکڪ : موھن ڪلپنا

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
بک عشق ادب
ليکڪ : موھن ڪلپنا
سرڳ جي ڳولها، ليکڪ : موھن ڪلپنا

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سرڳ جي ڳولها
ليکڪ : موھن ڪلپنا
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ