مدد علي سنڌي

Author Name

نامور اديب ۽ صحافي، مدد علي سنڌيءَ جو پورو نالو مدد علي ولد الله بخش قريشي آهي. هن 12 آڪٽوبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. مدد علي سنڌيءَ پرائمري تعليم فاطمہ گرلس اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي، اهو اسڪول خلافت تحريڪ جي اڳواڻ شيخ عبدالرحيم جي وڏي ڌيءَ حاجياڻي غلام فاطمہ شيخ جو قائم ڪيل هو، انھيءَ خاتون مدد عليءَ کي پرائمري تعليم ڏياري. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ۽ بي. اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي، جڏهن تہ ايم. اي ڪرڻ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ مان ٻہ ڀيرا سياسي ڪيسن ۾ ريسٽيڪيٽ هئڻ سبب اها مڪمل نہ ڪري سگهيو. مدد علي، شاگرديءَ واري زماني کان سنڌ جي قومپرست سياست ۾ سرگرم رهيو. هي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي بانيڪارن مان آهي. 1969ع ۾ ’عوامي ليگ‘ حيدرآباد ڊويزن جو آرگنائيزر مقرر ٿيو ۽ شيخ مجيب الرحمان کيس عوامي ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي نامزد ڪيو. آڪٽوبر 1970ع ۾ ’اڳتي قدم‘ نالي سان هڪ رسالو جاري ڪيائين، جنھن رسالي تي 1973ع ۾ حڪومت پابندي مڙهي ڇڏي، جنھن کانپوءِ 1973ع کان 1978ع تائين وارو عرصو روپوشيءَ ۾ گذاريائين. ان عرصي دوران، 1975ع ۾ ان وقت جي حڪومت 72 سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بندش لاڳو ڪئي. اُن ڪيس دوران مدد علي سنڌيءَ ۽ طارق اشرف جي گهرن تي ڇاپا لڳا ۽ ’اڳتي قدم‘ ڇپيندڙ پريس کي سيل ڪيو ويو ۽ مدد علي سنڌيءَ جي 86 سالن جي والد کي سندس بدران گرفتار ڪري، 26 ڏينھن حيدرآباد سٽي لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو. مدد علي سنڌي، 25 مارچ 1969ع تي ملڪ ۾ ٻي مارشل لڳڻ کانپوءِ گرفتار ٿيو. مٿس الزام هو تہ هن شهر ۾ ون يونٽ ۽ مارشل لا جي خلاف نعرا هنيا هئا. آزاد ٿيڻ بعد هن شاھہ محمد شاھہ، اقبال ميمڻ ۽ ٻين سان گڏجي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو قومپرست گروپ قائم ڪيو ۽ سائين جي. ايم. سيد جي سنڌ متحدہ محاذ سان گڏجي ون يونٽ خلاف سياسي سرگرميون شروع ڪري ڏنيون. ون يونٽ خلاف 4 مارچ 1969ع تي سنڌي شاگردن جو هڪ عظيم الشان جلوس نڪتو هو، جنھن ۾ هزارين ماڻھن شرڪت ڪئي هئي. ون يونٽ خلاف هڪ وڏو احتجاج هو، ان جلوس ڪڍرائڻ ۾ يوسف ٽالپر، ممتاز قريشي، مسعود نوراني، اقبال ترين، شاھہ محمد شاھہ، حفيظ قريشي، مدد علي سنڌي، لالا قادر ۽ ٻين وڏي محنت ڪئي هئي. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پھريون صدر اقبال ترين، سيڪريٽري جنرل سيد شاھہ محمد ۽ پريس سيڪريٽري مدد علي سنڌي ٿيا، بعد ۾ 1972ع جي وچ ڌاري نوابشاھہ ۾ ٿيندڙ شاگرد ڪنوينشن ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي صدر شاھہ محمد  شاھہ ۽ سيڪريٽري جنرل مدد علي سنڌي چونڊيا ويا. مدد عليءَ کي 24 ڊسمبر 1972ع تي بغاوت جي ڪيس ۾ قلم 124 اي، 153 اي، 123 اي ۽ ڊفينس آف پاڪستان تحت گرفتار ڪري نوابشاھہ جيل ۾ بند ڪيو ويو. ان وقت مدد علي، سائين جي. ايم. سيد تي ’اڳتي قدم‘ جو خاص نمبر ڪڍي رهيو هو. بعد ۾ کيس سيشن جج سيد سجاد علي شاھہ سمورن ڪيسن ۾ ضمانت کڻي آزاد ڪيو. مارچ 1973ع سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سائين جي. ايم. سيد جو هڪ شاهي جلسو، شاھہ محمد شاهه'>سيد شاھہ محمد شاهه، مدد علي سنڌي، عزيز ڀنگوار، يوسف جکراڻي ۽ نذر محمد جوڻيجي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس بلاڪ ويجهو هڪ شاهي پنڊال ۾ ڪرايو هو، جتي سائين جي. ايم. سيد، سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جي صدر يوسف جکراڻي، جنرل سيڪريٽري عزيز ڀنگوار ۽ جوائنٽ سيڪريٽري نذر محمد جوڻيجي کان حلف ورتو هو. ان کانپوءِ 28 اپريل 1973ع تي سنڌ يونيورسٽي ڪنووڪيشن سڏائي، وائيس چانسلر سيد غلام مصطفيٰ، وفاقي وزير قانون عبداالحفيظ پيرزادي کي ’ڊاڪٽريٽ آف لا‘ ڏيڻ جو شاھہ اعلان ڪـيـو، ان لاءِ وي. سيءَ، 25 اپريل 1973ع تي آرٽس بلاڪ جي هال ۾ شاگردن جو هڪ اجلاس سڏائي حفيظ پيرزادي کي ڊگري ڏيڻ جو اطلاع ڏنو، جو هن 1973ع جي آئين ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ان مھل مدد علي سنڌي واحد شاگرد هو، جنهن 1973ع جي آئين جي مخالفت ڪئي، پيرزادي صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نہ سڏائڻ جو چيو. 28 اپريل 1973ع تي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي ڪنووڪيشن ۾ گورنر سنڌ بيگم رعنا لياقت علي خان ۽ وفاقي وزير قانون حفيظ پيرزادي جي موجودگيءَ ۾ هنگامو ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن سيد شاھہ محمد، مدد علي سنڌي، يوسف جکراڻي، عزيز ڀنگوار، نذر محمد جوڻيجي کي ٽن سالن لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان رسٽيڪيٽ ڪيو ويو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هنگامي ڪرڻ ۽ هڪ پوليس آفيسر جي (دل بيهي وڃڻ سبب) موت جو ڪيس داخل ڪري مدد عليءَ جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو. اهڙيءَ ريت بعد ۾ 17 آڪٽوبر 1973ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل جهيڙي دوران ٻن شاگردن جي قتل بعد ٻيهر يوسف جکراڻي، مدد علي سنڌي، سيد شاهنواز شاھہ، عبدالحڪيم لاکي، ديدار بلوچ کي 5، 5 سالن لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان رسٽيڪيٽ ڪيو ويو. ڪجهہ عرصي کانپوءِ ٻين سمورن شاگردن جي ريسٽيڪيشن جا آرڊر واپس ورتا ويا، پر مدد عليءَ جي ريسٽيڪيشن جو آرڊر واپس نہ ورتو ويو، جنھن ڪري هو تعليم مڪمل نہ ڪري سگهيو. مدد علي سنڌي، 1979ع ۾ سياست کي خيرباد چئي، صحافت جي ميدان ۾ داخل ٿيو ۽ 1980ع ۾ سليم اڪبر مرحوم جي اخبار ’سنڌ نيوز‘ جو ايڊيٽر ٿيو. وزيراعليٰ ڄام صادق عليءَ جي دور ۾ ڪجهہ وقت لاءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس سيڪريٽري رهيو. ٻن سالن تائين سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمئن بہ رهيو. مدد علي سنڌيءَ، لکڻ جي ابتدا شاعريءَ سان ڪئي. 1968ع ۾ سندس پھريون گيت ٽماهي مھراڻ ۾ ڇپيو، ان کانپوءِ هن ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون. سندس پھرين ڪھاڻي ’ويا گذري ڏينهڙا‘ ماهوار سھڻيءَ جي جون 1970ع واري شماري ۾ شايع ٿي. سندس پھريون ڪتاب: (1) ’دل اندر درياءُ‘ (ڪھاڻيون)، سيپٽمبر 1980ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنھن جو مهاڳ نامور ڪھاڻيڪارہ نورالھديٰ شاھہ لکيو هو. ان بعد هن جي شاعريءَ، ترجمي ۽ سفرنامي جا ڪتاب ڇپيا ۽ 2008ع ۾ سندس سمورين تحريرن جو ڪليات ’دل اندر درياوَ‘ عنوان سان سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو. مدد علي سنڌي مختلف سنڌي اخبارن: ’هلال پاڪستان‘، ’بختاور‘، ’سچ‘، ’خلق‘، ’سنڌ نيوز‘ ۽ ’سنڌوءَ‘ جو ايڊيٽر بہ رهيو آهي.  ان کانسواءِ ڪجهہ عرصو عبرت مئگزين ۽ ماهوار ’آکاڻيءَ‘ جو ايڊيٽر بہ رهيو. مدد علي 1984ع ڌاري پريس ڪلب حيدرآباد جو صدر بہ رهيو. سندس ڪالم ۽ تجرباتي مضمون مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. کيس 2023ع ۾ تعليم جو نگران وفاقي وزير پڻ مقرر ڪيو ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مدد علي سنڌي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


مدد علي سنڌي جا ڪتاب

حشو ڪيولراماڻي نہ وسرندڙ شخصيت، ليکڪ : مدد علي سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
حشو ڪيولراماڻي نہ وسرندڙ شخصيت
ليکڪ : مدد علي سنڌي
دل اندر درياوَ، مصنف : مدد علي سنڌي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
دل اندر درياوَ
مصنف : مدد علي سنڌي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ