ايوب گل

Author Name

ڊراما نگار، ڊائريڪٽر ۽ شاعر، ايوب گل ولد نظام الدين جو جنم 10 فيبروري 1976ع تي ڳوٺ محمد بچل راڄڙ، ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ هاءِ اسڪول هٿونگي، انٽر ۽ بي.اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج کپري مان ۽ ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. ڪافي عرصي کان سنڌي ٽي. وي چئنل ڪي. ٽي. اين تي ڪم ڪري رهيو آهي. سندس 100کان مٿي سولو پلي ڪي. ٽي. اين تان نشر ٿي چڪا آهن، ايوب گل سٺو ڪالم نگار به آهي. مختلف موضوعن تي سندس لکيل ڪيترا ڪالم اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. هن روزاني الک، روزاني سنڌو، روزاني تعمير سنڌ، ماهوار لڙڪ مئگزين، روزاني هلچل، هفتيوار مئگزين سنڌو، روزاني ڪاوش ۽ روزاني ڪوشش حيدرآباد ۾ صحافيءَ طور به ڪم ڪيو آهي. ڪي. ٽي. اين تان سندس نشر ٿيل مشهور ڊراما سيريلز ۾: مزاحيه سيريل ’ٻه ۽ ٻه پنج‘، گهريلو ڪهاڻين تي مشتمل سيريل ’اماس کانپوءِ‘، ’سنڌو‘، ’هوءَ اڪيلي‘، ’ڇوليون‘، ’ڪاغذ جي ٻيڙي‘، ’ڪچا ڌاڳا‘، ’ويچارو مڙس‘، ’ڪومل‘، ’ڪورو ڪاغذ‘، ’ڪونجون‘، ’تتر تيز اڏار‘، ’صحرا جو چنڊ‘، ’برف جا ماڻهو‘ وغيره. نشر ٿي چڪا آهن. هن جون ’ڀڳت ڪنور رام‘ ۽ ’بازار‘ ٽيلي فلمون به نشر ٿيون آهن، سال 2011ع ۾ سندس ڪامياب سوپ سيريل ’ڪونجون‘ ٽيليڪاسٽ ٿي جنهن کي شيراز جيلاني ڊائريڪٽ ڪيو هو. هن 50 کان مٿي ڊرامن جا ٽائيٽل گيت به لکيا آهن.  کيس 2005ع ۾ صوفي فائونڊيشن لاڙڪاڻي طرفان ڀڳت ڪنور رام اوارڊ، 2006ع ۾ ڪي. ٽي. اين طرفان ’ڏيئو‘ ٽائيٽل گيت تي بهترين شاعر اوارڊ، 2008ع ۾ ڪي. ٽي. اين طرفان ’ڪچا ڌاڳا‘ سيريل تي بيسٽ رائيٽر اوارڊ مليو آهي. هيءُ هن وقت ڪي. ٽي. اين تي اسڪرپٽ ايڊيٽر آهي.

ايوب گل جا هن وقت تائين شاعري جا ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آھن:
رنگن جي خانہ بدوشي 2010ع
سمونڊ ٿو مونکي سڏي 2011ع
ھن مونکي ڇڏي ڏنو 2013ع
روشنا (ڇپائي هيٺ)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ايوب گل جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ايوب گل جا ڪتاب

سمونڊ ٿو مونکي سڏي، مصنف : ايوب گل

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سمونڊ ٿو مونکي سڏي
مصنف : ايوب گل
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ