انور پيرزادو

Author Name

 انور پيرزادي جو اصل نانءُ محمد پريل هو، هن ۲۵ جنوري ۱۹۴۵ع تي ڳوٺ ٻَلهڙيجي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتو. انور پيرزادي ۱۹۵۵ع تائين، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي جنهن کانپوءِ هو ڏوڪري ۾ پڙهڻ لڳو ۽ اتائين ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ننڍپڻ ۾ سنڌ جي ناليواري شاعر شيخ اياز کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ سندس ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ پڙهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان ملڻ لاءِ ويو ۽ پوءِ لاڳيتو وٽس ويندو رهيو.

انور پيرزادو ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۸ع تائين، موجوده ڏوڪري تعلقي ۾، موهن جي دڙي اسڪول، ٽڳڙ باغبان (کچي کيڙا اسڪول)، حاجي مشوري اسڪول ۽ شير محمد جوڻيجي اسڪول ۾ پرائمري ٽيچر ٿي رهيو.  ۱۹۶۹ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪيائين جنهن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. سال ۱۹۷۰ع ۾ پاڪستان ايئر فورس ۾ پائلٽ آفيسر جي ٽريننگ لاءِ چونڊيو ويو. ڇهن مهينن جي ٽريننگ ڪري ڊيوٽيءَ تي چڙهڻ وارو هو ته مٿس ”فيلڊ ڪورٽ مارشل“ ۾ بغاوت جو ڪيس هلايو ويو ۽ هن ست سال سخت پورهئي سان سزا ڪاٽي. أنور پيرزادي لاءِ سرڪاري نوڪريءَ جا دروازا بند ٿي ويا هئا ان ڪري ان هلال پاڪستان اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم شروع ڪيو.

سال ۱۹۷۵ع ۾ هلال پاڪستان ڇڏي روسي سفارتخاني ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ بليٽن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ان ئي سال ”ڊان“ اخبار جو لاڙڪاڻي جو عيوضي ۽ ”دي اسٽار“ سکر جو بيورو چيف ٿيو.  ايم آر ڊي هلچل دوران، هڪڙي خبر هلائڻ جي ڏوهه ۾ ۶ مهينا سزا ڀوڳيائين. ان کان پوءِ جدا جدا اخبارن ”دي اسٽار“، ”عوامي آواز“، ”جاڳو“، ”سنڌ سجاڳ“، ”برسات“، ”سنڌ ٽربيون“ ۽ روزاني ”سچ“ سان لاڳاپيل رهيو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سيڪريٽري ۽ سرگرم ڪارڪنن بہ رهيو.

انور پيرزادو، ڪهاڻيڪار بہ هو. هوچي منھ جي شاعريءَ کان متاثر ٿي شاعري بہ ڪيائين. هن ڪيترن ڪتابن جا سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيا.

سندس لکيل ڪتابن ۾ اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ، متان وساريو، ممبئي ياترا، جديد سنڌي ادب، کيرٿر ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن .انور پيرزادو ۷ جنوري ۲۰۰۷ع تي ڪينسر جي بيماريءَ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي انور پيرزادو جا ڪُل 9 ڪِتاب موجود آھن


انور پيرزادو جا ڪتاب

ممبئي ياترا، ليکڪ : انور پيرزادو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ممبئي ياترا
ليکڪ : انور پيرزادو
اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان، ليکڪ : انور پيرزادو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان
ليکڪ : انور پيرزادو
انور پيرزادي جون ڪھاڻيون، ليکڪ : انور پيرزادو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
انور پيرزادي جون ڪھاڻيون
ليکڪ : انور پيرزادو
ڀٽائي، ليکڪ : انور پيرزادو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڀٽائي
ليکڪ : انور پيرزادو
جديد سنڌي ادب، ليکڪ : انور پيرزادو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جديد سنڌي ادب
ليکڪ : انور پيرزادو
انٽرويو ۽ تقريرون، ليکڪ : انور پيرزادو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
انٽرويو ۽ تقريرون
ليکڪ : انور پيرزادو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ