امر لغاري

Author Name

امر لغاري جو اصل نالو محمد يعقوب آهي. پاڻ 30 اپريل 1965ع تي ڳوٺ حاجي احمد خان لغاري، تعلقي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو . ايم .اي( انگريزي ادب 1992ع ) ۾ ڪيائين۽ هن وقت شھيد صبغت الله شاهه ڊگري ڪاليج سانگهڙ ۾ ليڪچرار آهي. امر لغاري مشهور مضمون نگار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. سندس تصنيفن ۾” جاڳ“ ( شاعري ۽ ڪهاڻيون 1993 )، ” لٽ اوراٽي دنيا “، ”جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو “. (مشاهداتي مطالعو 2003 )، ”موکي“( ناوليٽ 2005 ) ۽ ” ناري جي ڪناري“(   2005 )شامل آهن .

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي امر لغاري جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


امر لغاري جا ڪتاب

جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وھي ٿو، ليکڪ : امر لغاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وھي ٿو
ليکڪ : امر لغاري
ناد وارو، ليکڪ : امر لغاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ناد وارو
ليکڪ : امر لغاري
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ