سائر حسين

Author Name

نالو: حسين علي عرف سائر حسين چانڊيو 
جنم جي تاريخ: پھرين جنوري 1985 
ايڊريس: ڳاڙھي جاگير  ڳوٺ سعدالله خان چانڊيو تعلقو واره ضلع قمبر شھداد ڪوٽ 

سندس بچپن شاهي شان وشوڪت ۾ گذريو ڇو تہ سندس ڏاڏو رئيس سعدالله خان جنهن جي نالي سان سندن ڳوٺ منصوب آھي، اهو سٺو زميندار ۽ فيصلا ڪندڙ پير مرد هيو. سائر پنهنجي ماحول جي ڪجه مجبورين کان لڪ لڪاء ڪري به شاعري ڪندو هيو ,بس وقت وقت جي ڳاله آ ڪڏھن ايئن هياس جو پنهل ٿي ڌوتم ڪپڙا وارو مصداق مٿس پورو ٿو لهي سائر جواني جون تمام گهٽ بهارون ماڻيون الائجي ڪٿان بيمارين مٿس حملا ڪري ڏنا ء اهو سندس اهو وقت آ جڏهن ھو زندگي سان غربت جي جنگ پئي وڙھيو ته جيئن هو پنهنجي معصوم اولاد جو پيٽ گذر ڪري سگهي مگر مرضن ۾ مبتلا هڪ شاعر ڪري ته ڇا ڪري بيمارين سان وڙھي غربت سان وڙھي ٻچڙن جو مستقبل ڏسي يا کيس اندر ئي اندر کائيندڙ بيماري جو مقابلو ڪري ان سڀ ڪجه کان هٽي ڪري هن حوصلن کي عروج تي آڻيندي پنهجي لفظن جي جڙاء ۾ شاعري کي ايتري تقويت ڏني جو عروض کيس سلام ڪندي صبح شام آشيرواد پيو وٺي. اڄ بہ هو بيماريءَ جي بستر تان عروض کي راند جيان سندس غزلن ۾ پروئي ٿو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سائر حسين جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


سائر حسين جا ڪتاب

بھارن ۾ ڳولي وٺو، مصنف : سائر حسين

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
بھارن ۾ ڳولي وٺو
مصنف : سائر حسين
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ