ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي سلسلي جو نئون ڪتاب ”خط ٻن اُستادن جا“ اوھان اڳيان حاضر آھي. ھي ڪتاب محمد ابراھيم جويو ۽ غلام نبي چنا پاران 1968ع کان 2001ع تائين لکيل خطن جو مجموعو آھي، جيڪو سنگرام سھيڙيو آھي.
سنڌي ٻولي ۾ خطن جا ڪي خاص مجموعا موجود ناھن، انھي ڳالھہ جو ذڪر سنگرام پيش لفظ ۾ ڪري چڪو آھي، انھي لاءِ ھن ڪتاب جي اھميت کي سمجھندي، ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ۾ اوھان دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو.
ڪتاب ۽ خطن جي باري ۾ لکندي سنگرام لکي ٿو:
مُخلص دوستن جا هڪٻئي ڏانهن لکيل خطَ سچ پچ ته دوستيءَ جا اهڙائي من کي ڇُهندڙ دستاويز هوندا آهن، اُنهن ۾ سندن دور جا انيڪ اُڌما ۽ احساس، ويچار ۽ آدرش درج ٿيل هوندا آهن، جي پڙهندڙ ۽ پڙهندڙن جي ٻُڏندڙ هانوَ لاءِ نرم ’ٿڌڙن‘ ۽ ساهه سُڌير ’ڇنڊن‘ جو ڪم ڏيندا اهن، اهڙا خطَ دلي تعلق قائم رکڻ جا بهترين نقش ۽ نمونا ٿين ٿا. انهن ۾ هڪ انوکي ۽ نرالي سُرهاڻ هوندي آهي، جيڪا هر وقت لازوال محبت جي خوشبو چؤڏِس پکيڙيندي رهندي آهي.
ھي ڪتاب سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، سنڌ پاران 2002ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ھن ڪتاب جي ھڪ ٻي خصوصيت اھا آھي جو ھن ڊجيٽل ڪتاب ۾ استعمال ٿيندڙ فونٽ ”باک“ اسان سنڌ سلامت فونٽ سرور تي پڻ جاري ڪيو آھي. ھي فونٽس پراڻي پرنٽنگ طريقي ليٿو ۾ استعال ٿيندڙ فونٽ آھن، جن کي پھرين دفعي ھن ڪتاب ۾ استعمال ڪندي، خوشي محسوس ڪري رھيا آھيون.

نوٽ : ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي رکي وئي آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ