ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سٺ ستر اسي “اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار غلام نبي مغل جي 17 چونڊ ڪھاڻين جو مجموعو آھي جيڪي 20 ھين صدي جي سٺ، ستر ۽ اسي جي ڏھاڪي ۾ لکيون ويون.
عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو: ”غلام نبي مغل جو افسانو ٺڙڪ ٺڳيءَ ۽ منافقت کان آجو آھي، ۽ اصلي آھي. ھو لکڻ وقت پنھنجا خواب، خواھشون، نعرا ۽ فتوائون زندگيءَ مٿان نہ مڙھيندو آھي پر زندگيءَ کي پنھنجي انسانن ۾ مڙھيندو آھي،“
سنڌي ادب جي ڪلاسڪ سيريز جو ھي ڪتاب 1989ع ۾ طارق اشرف جي سھڻي پرنٽرز حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون ”وتايي جي گهر“ ۽ ”پڙھندڙ نسل (پَن)“ جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.

اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ