ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سيد اظھر گيلانيءَ جي تحقيق تي مشتمل ڪتاب ”شاهه جي ڪلام ۾ پھاڪا ۽ محاورا“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ استعمال ڪيل پھاڪن ۽ محاورن کي نہ صرف پيش ڪيو ويو آھي ۽ ان جي تشريح ڏني وئي آھي پر ساڳي وقت اھو ثابت ڪيو ويو آھي تہ شاھ جي رسالي ۾ جيترا پھاڪا، محاورا ۽ تشبيھون استعمال ٿيل آھن ايترو خزانو ڪنھن ٻي ٻوليءَ نٿو ملي.
ھن ڪتاب ۾ انھن بيتن جي چونڊ ڪئي وئي آھي جن ۾ پھاڪا ۽ محاورا اچن ٿا ۽ ھر پھاڪي کي ڏنگيءَ ۾ رکيو ويو آھي ۽ سامھون ”پ“ لکي ان کي نروار ڪيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2004ع ۾ مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون ”وتايي جي گهر“ ۽ ”پڙھندڙ نسل (پَن)“ جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ