ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”بابائي سنڌ (حيدر بخش جتوئي) جي سنڌ لاءِ جدوجھد“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب ۾ بابائي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ذاتي زندگيءَ تي سنڌ جي مشھور اديبن ۽ بابائي سنڌ جي عقيدتمند دوستن جي مضمونن کانسواءِ ۽ سرڪاري ملازمت ڇڏي سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ بعد، صدر سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ جي حيثيت ۾ پنھنجين ساٿين سان گڏ، سنڌ مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين خلاف جيڪا بہ جدوجھد ڪئي آھي انھيءَ جو مختصر تاريخي ۽ معلوماتي جائزو پيش ڪيو ويو آھي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. ڪتاب ۾ بابائي سنڌ جي شاعري پڻ شامل آھي.
ھي ڪتاب 1973ع ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي، حيدرآباد پاران بابائي سنڌ جي ٽين ورسيءَ جي موقعي تي ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون ”وتايي جي گهر“ ۽ ”پڙھندڙ نسل (پَن)“ جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ