ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”ڪائنات جي ڳولھا“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب دنيا جي مشھور سائنسدان ۽ محقق اسٽيفن ھاڪنگ جي 1988ع ۾ ڇپيل پھرين ڪتاب A Brief History of Time جو سنڌي ترجمو آھي جنھن ۾ ھن ڪائنات ۾ موجود Black Holes جي پھريون دفعو دريافت ڪئي. ڪتاب جو سنڌيڪار نديم گل عباسي آھي.
اسٽيفن ھاڪنگ کي آئن اسٽائن کانپوءِ دنيا جو سڀ کان وڏو سائنسدان مڃيو وڃي ٿو. ھن ڪتاب ۾ ڪائنات جي باري ۾ اھڙي قسم جا حيرت ۾ وجهندڙ سوالن جا جواب ڏنل آھن، جيڪي نيوٽن کان وٺي آئن اسٽائين تائين پيدا ٿيندا آيا آھن،
ھي ڪتاب 1999ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون ”وتايي جي گهر“ ۽ ”پڙھندڙ نسل (پَن)“ جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ