ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”ساهه مُٺ ۾“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ماڻڪ جو لکيل ناول آھي جيڪو ھندستان مان ڇپيو ھو. ماڻڪ جو ناول ”ساهه مٺ ۾“ شروع ۾ پاڪستان ۾ نه ڇپجي سگهيو، ڪير ڇپائڻ لاءِ تيار ئي نه هو! اهو ڪتاب وڃي هندستان مان ڇپيو. ان واقعي تي موهن ڪلپنا لکيو، ”پاڪستان هڪ طاقتور ملڪ آهي. پر ان ملڪ کي ايڏي طاقت ڪونهي جو هن ڪتاب جي ڌماڪي جو زور سهي سگهي. ان ڪري هيءُ ڪتاب پاڪستان ۾ ڇپجي نٿو سگهي ۽ هاڻ هندستان ۾ ڇپيو آهي.“
منير ماڻڪ جو لکيل ناول ”ساهه مٺ ۾“ به هڪ دور جي تاريخ آهي. هي ناول ون يونٽ جي آئيني تسلسل، ڀٽو حڪومت جي دور ۽ ان ۾ پيدا ٿيل حالتن جي پس منظر ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ هڪ غلام قوم جي ساڃاهه وند فرد جي خوف، عدم تحفظ جي احساس، پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اوپرائپ ڀري ماحول مان پيدا ٿيل انديشن جي مڪمل عڪاسي ڪئي وئي آهي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1986ع ۾ ھندستان مان موھن ڪلپنا وارن ڇپايو، جڏھن تہ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1992ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ