ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن تحقيقي ڪتاب جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ محقق تنوير عباسي آھي.
سنڌ جي ڏاهي اديب ۽ دانشور تنوير عباسي جو هيءُ ڪتاب، لاکيڻي لطيف جي شاعريءَ جي انهن پاسن کي نروار ڪري ٿو جيڪي اسان کي شاهه جي رسالن ۾ نه ٿا ملن. ٻارهن بابن ۾ ورهايل هن ڪتاب جي هر باب ۾ معلومات ڀري پئي آهي. تنوير عباسيءَ جي ڪتاب ’شاهه لطيف جي شاعريءَ‘ ۾ موجود سڀيئي باب، اسان کي شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو ويجهڙائيءَ کان ڇيد يا 'Analyze' ڪندي نظر اچن ٿا. ٻارهن ئي بابن ۾ شاهه جي شاعريءَ جو سائنسي اڀياس ڪيو ويو آهي.
ھي ڪتاب پھريان ٽن جُلدن ۾ ڇپيو ھيو جنھن مان پھريون جُلد 1976ع ۾ ٻيو 1985ع ۽ ٽن گڏيل جُلدن تي ٻڌل ڪتاب 1989ع ۾ چپيو. روشني پبليڪيشن پاران 2015ع ۾ ڇپايل ڇوٿين جُلد جي اسڪين ڪاپي اوھان سان شيئر ڪجي ٿي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ