ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گھر پاران ڪتاب ”ساجن سونهن سُرت“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ محقق تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي جنھن ۾ وايون، غزل، نظم ۽ ھائيڪا شامل آھن. ابراھيم کرل لکي ٿو:
”تنوير جي “Vision” جو آخري استعارو “سرت“ آهي، سرت ساڃاهه، ڏاهپ، دانشمندي، غور، فڪر، سوچ، آگاهي، سڃاڻپ جهڙن لفظن کي پاڻ ۾ سمائي ٿي، تنوير جي سموري زندگي تحرڪ، جدوجهد، جاڳ، ويڙهه، مقصد تائين پهچڻ لاءِ سرگرم رهي، سنڌي ٻولي جي بچاءَ جي تحريڪ هجي يا ادارن جي اڏاوت، ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه، ون يونٽ خلاف عملي جدوجهد، تنوير هڪ سرگرم ڪارڪن طور ڪم ڪيو.“
ھي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 1996ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ