ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گھر پاران نامياري قومپرست شخصيت ۽ سائين جي ايم سيد جي سچي ساٿي چاچي حفيظ قريشيءَ جي شخصيت جي مختلف شخصيتن پاران لکيل مضمونن جو مرتب ڪيل ڪتاب ”سيد جو ساٿي: حفيظ قريشي“ اوھان اڳيان پيش آھي. ڪتاب جو مرتب ڪندڙ آزاد قاضي آھي.
حفيظ قريشي سائين جي ايم سيد جو گهِرو پر حُجتي ۽ سچو کرو دوست هيو، هُو خوددار بيباڪ، بي ڊپو، معتبر، ڏاهو، مقرر، مدبر، قانون دان، قوم دوست، عاشقِ سيد ۽ سنڌ هُيو، پاڻ پيشي جي لحاظ کان وڪيل هيو، ان ڪري سائين جي ايم سيد جي سالگرهه کان وٺي عام جلسن تائين هو خطاب ۾ سنڌ جو ڪيس اهڙو وڙهندو هو جو حفيظ قريشي جي وڇوڙي کان هِن مهل تائين سنڌ جو اهڙو سچو ۽ کرو وڪيل پيدا ناهي ٿي سگهيو. ڪتاب ۾ شيخ اياز، جمال ابڙي، عبدالوحيد ڪٽپر، اعجاز منگي، حسن مجتبيٰ، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، خاڪي جويي، ڊاڪٽر حيدر سنڌي جا حفيظ قريشيءَ جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ حفيظ قريشيءَ جا لکيل مختلف مضمون پڻ شامل آھن.
ھي ڪتاب 2001ع ۾ جي ايم سيد فائونڊيشن ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ