ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھند سنڌ جي نامياري شاعر نارايڻ شيام جي غزلن جو مجموعو ”بوند، لھرون ۽ سمنڊ“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب ۾ نارايڻ شيام جي شاعريءَ جو اڀياس ”تنوير عباسيءَ“ لکيو آھي. تنوير عباسي لکي ٿو:
”نارايڻ شيام سنڌيءَ جو اھو نرالو شاعر آھي، جيڪو پنھنجي نرالي اسلوب، لھجي ۽ مزاج، فڪر، ٻوليءَ، موسيقيت ۽ ڪامياب تجربن سببان، سنڌي شاعريءَ جي موجودہ دور جي وھڪري ۾ رھندي بہ، ان وھڪري کان ڌار ھڪ انوکي، نرالي ۽ دائمي حيثيت رکي ٿو.“
ھي ڪتاب 1987ع ۾ سنڌي اديبن جي سھڪاري سنگت حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ