ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ظفر عباسيءَ جي ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جو مجموعو ”تارا تارن ھيٺ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. عرفان مھدي لکي ٿو:
”ظفر وٽ ڏات بہ آھي تہ ڏانءُ بہ. وٽس لفظن جا انيڪ ڀنڊار آھن. سندس ھر ڪھاڻي اسان جي معاشري جو جيئرو جاڳندو چتر آھي ۽ ظفر جي ذھن ۾ سرجندڙ ڪردار اسان جي معاشري، ۽ اسان جي سماج جا گهمندڙ ڦرندڙ ڪردار آھن. سندس ھر ڪھاڻي اسان جي معاشري جي ڪھاڻي آھي. سندس سڀيئي ڪھاڻيون ھڪ آرٽسٽ جي ٺاھيل مختلف تصويرن سمان آھن، جن ۾ ھن جيون جا انيڪ روپ ڏيکاريا آھن.
ھي ڪتاب ساھتي پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 1981ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ