ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، نثر نويس ۽ قومپرست سياستدان نواز خان زئور جو ڪتاب ”قيدي تخت لاھور جو“ اوهان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب ڀوڳنائن، گمشدگيءَ ۽ ٽارچر سيل جي ڪٿا تي ٻڌل آھي.
نواز خان زئور کي جنرل پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ 31 ڊسمبر 2005ع تي ڪراچي کان ڄامشوري ايندي بولان ميل ريل کي وچ تي ويرانيءَ ۾ روڪي کنڀيو ويو ۽ کيس 10 مھينن تائين گم رکيو ويو ۽ پوءِ کيس بدين پوليس حوالي ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو. ھي ڪتاب گمشدگيءَ دوران مختلف ذھني تشدد، پڇا ڳڇا، دردن ۽ تڪليفن جي ڪٿا آھي. عبدالواحد آريسر مھاڳ ۾ لکي ٿو تہ ”نواز خان زئور پاران لکيل ھي ڪتاب درد، جدوجھد ۽ آزاديءَ جو گيت آھي، جيڪو ظلم، ناانصافي ۽ غلاميءَ خلاف جدوجھد تي ماڻھن کي اتساھيندو رھندو.“
ھي ڪتاب مدرلينڊ پبلشرز حيدرآباد پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون نواز خان زئور جا جنھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ