ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ناول نگار منصور ٿلھي جو لکيل ناول ”ريڙھي مياڻ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ريڙھي مِياڻ سنڌ جي قديم بندرن مان ھڪ بندر آھي ۽ اڄ بہ وسندڙ آباد بندر آھي. ليکڪ سامونڊي پٽيءَ جي اجڙيل ماڳن، بندرن، ڪنڌين جي درد کي پنھنجو درد سمجهي ناول جي ڪردارن ۾ ڏيکاريو آھي. سنڌ جي ڇوڙ وارو علائقو سدائين آباد ۽ خوشحال رھيو آھي پر دريائن تي ڊئم ۽ بند ٻڌي انھن علائقن کي ويران ڪيو ويو آھي. ھي ناول بہ اھڙي ئي علائقي جي ڪٿا آھي. ھي ڪتاب سنڌ جي تاريخ آھي جنھن ۾ بلوچستان جو مڪران يا پنجاب جو ملتان سنڌ ۾ ڏيکاريا ويا آھن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2011ع ۾ جڏھن تہ ٻيو ڇاپو سنڌ ساحل کارو ڇاڻ پبليڪيشن پاران 2015ع ۾ احمدآباد ھندستان مان ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ