ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري قومپرست سياستدان، مفڪر، اديب ۽ ڏاھي سائين جي ايم سيد جي شخصيت، سياست ۽ نظريي بابت عبدالخالق جوڻيجو صاحب جي لکيل مضمونن جو مجموعو ”جي ايم سيد: فڪر، جدوجھد ۽ ڪردار“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ڪتاب ۾ سيد جي فڪري جدوجھد جي پرچار جو بنياد، سيد واري ڏسيل واٽ علمي جدوجھد کي تصور ڪندي، سائين جي ايم سيد جي ذاتي زندگي ۽ سندس عملي ۽ نظرياتي جدوجھد جو اڀياس پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آھي. ھنن مضمونن کي پڙھڻ سان، سائين جي ايم سيد سان گڏوگڏ ليکڪ، جي پنھنجي خيالن ۽ تجربن جي بہ واقفيت ملي ٿي.
ھي ڪتاب 2000ع ۾ جي ايم سيد لٽريري سوسائٽي ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ