ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” تنھنجي وڃڻ کانپوءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:
”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي، نظم جن ۾ مارجي ويل پکين جي آکيرن جي اُداسي آھي. ھي نظم جن ۾ اُن گوگ جي سنگتراشي جي سين آھي. ھي نظم جن ۾ ڀٽ شاھ جي وياڪل شام ۾ طنبوري جي تنوار آھي. ھي نظم جن ۾ ڀڳت سنگھه جي ڦاسي جو ڪرڀ آھي. ھي نظم جن ۾ مرکان شيخڻ جي لوڪ اتھاس جا رنگ آھن. “
هي ڪتاب روپا پبليڪيشن سجاول پاران 2020ع ۾ ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو. مھرباني مور ساگر جي جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت لاءِ موڪلي، مھربانيون اياز امر شيخ جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ