ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب  ”سنڌ جو گوھرِ ناياب شمس الدين بلبل“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب سنڌ جي مشھور علمي ادبي شخصيت رئيس شمس الدين بلبل بابت ڊاڪٽر رياض الدين ابڙي جو لکيل آھي.
مخدوم سليم اللہ صديقي لکي ٿو تہ  ”بلبل جو علمي ادبي حلقو نه رڳو سنڌ جي حدن تائين محدود هو بلڪ هند جا مختلف شهر ۽ شخصيتون سندس بابرڪت وجود جو واس وٺنديون رهيون. پاڻ حيدرآباد دکن ۾ اٺ سال رهيو جتي جون اخبارون پڻ سندس قلم جي شهه پارن سان سينگاريل آهن.“

ٿورائتا آهيون بُلبل فائونڊيشن ڄامشوري جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
salamatsindh@gmail.com
www.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ