ڪتاب جِي فھرست

انتساب

پنهنجي پياري دوست نجم قاضي نالي

جنهن شخص اسان کي ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي هميشه کِلايو ۽ اڄُ ڏينهن تائين کِلائيندو اچي، اهو گھٽ ۾ گھٽ منهنجي هڪ ڪتاب جو انتساب ته ضرور لهڻي.
ميجر نجم قاضي جنهن کي اسين اسڪول جي ڏينهن کان پيار مان نجو ۽ ڪٽنگا جي نالن سان سڏيون ٿا اسان کي هر ڳالهه ۾ ملهه ماريو وڃي. چرچن ڀوڳن ۾ کيس فقط تڏهن خوار ڪندا آهيون جڏهن هو غير حاضر هوندو آهي، نه ته هڪ طرف سڄي سنگت ٻئي پاسي اسانجو نجُو. مجال آهي جو ڪو ساڻس مقابلو ڪري سگھي. دنيا جا عجيب غريب چرچا سڄي زندگي اسين نجم قاضيءَ کان ٻڌندا اچون. اصل کُٽڻ جا ئي نه آهن.
نجم جهڙا گھڻ گُڻائتا ماڻهو ٿورا ملندا. پڙهڻ ۾ ــ يعني اسڪول واري پڙهائيءَ ۾ سو خاص هوشيار نه هو باقي هر فيلڊ ۾ هُو پنهنجو مَٽُ پاڻ هو. پي ٽي پريڊ ۾، راندين باڪسنگ ۾، جنرل ناليج ۽ Quiz مقابلن ۾، آفيسر لائيڪ Qualities، اسڪائوٽنگ ۽ رائفل شوٽنگ ۾ هو سڀ کان مٿڀرو ۽ سخت جان هو ۽ اڃا تائين هن عمر (پنجاهه ورهين جي ڄمار) ۾ به ٽف ۽ رف آهي. ڪالهه فون تي ٻُڌايومانس ته شوڪت جُماڻِي (سندس ڳوٺائي ۽ اسان جو ڪلاس ميٽ) ۽ مون کي ڪن ۾ سُور آهي ۽ جي کيس به ڪن جي تڪليف هجي ته اسان سان گڏُ ڊاڪٽر وٽ هلي. وراڻيائين: ”مون کي اڄُ ڏينهن تائين ڪو سُور نه ٿيو آهي. نه ڪن جو نه ڏاٺ جو. نه پيٽ جو نه مٿي جو. منهنجي دل جي هڪ پاسي جي نلي چوڪ آهي ته به سُور ڪڏهن نه ٿيو اٿم.“
”پر ڪاليج جي ڏينهن ۾ Sick-Bay (اسپتال) ڏي ويندو ته هئين؟“ مون ياد ڏياريومانس.
”اهو پنهنجي ڪنهن بيماريءَ جو علاج ڪرائڻ لاءِ نه پر عاشق حسين شاهه (هاڻ سيڪريٽري سنڌ)، بلال حيدر (هاڻ P.I.A ۾ جمبوجيٽ جو پائلٽ)، هادي بخش جتوئي (هن وقت ايل ايم سي جو M.S) ۽ محسن پنهور (هاڻ D.I.G پوليس) جهڙن جونئر ڪئڊٽن کي چيڪ ڪرڻ ويندو هوس ته واقعي بيمار آهن يا پي ٽي پريڊ کان ڀڄڻ جو بهانو ڪري اتي پهتا آهن.“ نجم قاضي وراڻيو.
خيرپور ميرس جي مشهور جج مرحُوم قاضي محمد الياس هميشه اهو ٿي چاهيو ته سندس اولاد سٺن تعليمي ادارن مان علم حاصل ڪري. هن پنهنجي وڏي پُٽ قمر کي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيٽ ڪرايو ۽ ٻئي پُٽ شمس الدين کي بنيادي تعليم سنڌ مدرسي مان ۽ پوءِ قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ايس.ايم لا ڪاليج ۾ داخل ڪرايو. سڀ کان ننڍو پُٽ نجم الدين جڏهن ستين ڪلاس ۾ پهتو ته ان وقت ’ڪئڊٽ ڪاليج‘ ميرپور خاص مان شفٽ ٿي پنهنجي اصلي جاءِ پيٽارو پهتو هو ۽ ان بابت اخبارن ۾ پڙهي هن نجوءَ کي ڪئڊٽ ڪاليج جهڙي فوجي ڪاليج ۾ موڪليو.
نجم قاضي نه فقط ڪئڊٽ ڪاليج ۾ S.U.O (سڀ ۾ مٿانهون ڪئڊٽ) ٿي رهيو پر آرمي پڻ Join ڪئي. جيتوڻيڪ ڪاليج جي ڏينهن ۾ اهڙو دؤر به آيو جو اسان جو نجُو، هڪ ڇوڪريءَ سان عشق جي چڪرن ۾ ڪاليج ڇڏڻ لڳو. ڪاليج جي انگريز پرنسپال ۽ ٻي جنگ عظيم جي فوجي آفيسر ڪرنل ڪومبس يڪدم سندس والد صاحب کي خط لکي موڪليو (جيڪو هينئر نجم وٽ آهي): ”تنهنجو پُٽ ڪاليج ڇڏي گھر پيو اچنئي.“ جج صاحب جواب ۾ ڪرنل ڪومبس کي لکيو ته ان کان اڳ جو آئون گھر کان ٻاهر ڪڍانس تون ڀلي موچڙا هڻي هن جي دماغ مان عشق جو ڀوت ڪڍُ. نجم کي به خبر پئجي وئي ته ڳوٺ وڃڻ تي بابو ڀاڪر پائي ملڻ بدران در ئي ٽپڻ ڪونه ڏيندو. سو هڪ ڏينهن صبح ساڻ انهن ميرن ڦاٽلن ڪپڙن ۾ موٽي ڪاليج آيو. ان وقت اسيمبلي هلي رهي هئي ۽ سڀُ ڪئڊٽ قطار ۾ اٽينشن ٿي وات سان قومي ترانو ۽ اک جي ڪُنڊ کان نجوءَ کي ڏسي رهيا هُئا. تراني بعد جپان جي P.O.W (جنگي قيدي) يعني اسان جي انگريز پرنسپال سڀني اڳيان نجوءَ کي بيهاري پنهنجي اسڪاٽش ٽون ۾ هن کي سمجھايو:
When lady lover interferes with a course of duty, either the duty or the lady should be abandoned.
ڪرنل ڪومبس سمجهيو ته هو جواب ۾ چوندو ته مون محبوبا ڇڏي ۽ هو (ڪرنل ڪومبس) کيس (نجوءَ کي) ڀاڪر پائي چوندو ته شاباس. هاڻ هڪ مَنو ٿي ويهي پڙهه. پر سائين اسان جي نجوءَ اسان کي ۽ پرنسپال کي ڇرڪائي وڌو جڏهن هن ساڳي برٽش accent ۾ وراڻيو:
”Sir! I Shall leave the duty.“ (يعني آئون نه پڙهندس نه نوڪري ڪندس. آئون عشق ڪندس.) پرنسپال جا ٺپ ئي ٺري ويا. وائڙو ٿي پُڇيس:
“Then what shall you eat?”
ظاهر آهي تنهنجو پيءُ به توکي گھر کان ڪڍي ڇڏيندو. پڙهي نوڪري به نه ڪندين ته پوءِ کائيندين ڇا؟
اسان جي نجوءَ ڪاليج بلڊنگ جي ڪُنڊ وٽ بيٺل هڪ ٻٻر جي سڪل وڻ ڏي اشارو ڪري چيس:
”I Shall eat leaves, leaves, Leaves.“
انگريز ڊپلوميٽ سمجھي ويو ته هي ڇورو ماڳهين مون کي به خوار ڪندو سو سڀني اڳيان نجوءَ سان بحث ڪرڻ بدران وائيس پرنسپال کي چيائين ته اسيمبلي بعد هن کي سمجھائجانءِ.
نجم قاضِي اڄُ به ننڍپڻ جون اهي ڳالهيون ياد ڪري پاڻ به کلندو آهي ۽ اسان کي به کلائيندو آهي. محفل ۾ ڪو نئون دوست اچي ويندو آهي ته نجوءَ کي خاص فرمائش ڪندا آهيون ته نجُو!
”I Shall eat leaves, leaves“ واري ڳالهه ته ٻُڌاءِ. سچُ ته هي آهي ته نجُوءَ نه ڊيوٽي ڇڏي نه محبوبا. اڄُ اها سندس ٻارن جي ماءُ آهي جنهن سان پوءِ ڪئپٽن ٿي شادي ڪيائين ۽ ڪاليج ۾ سڀ ۾ سٺو ڪئڊٽ ٿي ڏيکارڻ ڪري ڪرنل ڪومبس پنهنجي مرڻ گھڙيءَ تائين نجم جو خيالُ رکندو آيو.
نجم جا ان قسم جا مهاڏا پنهنجن صاحبن سان هميشه ٿيندا رهن ٿا پر محنتي ۽ دل جو صاف هجڻ ڪري سوڀ وري به سندس ئي ٿئي ٿي. آرمي وارن ڏينهن ۾ هڪ دفعو ته ذوالفقار علي ڀٽو صاحب به ڪاوڙجي پيو هو ۽ سو به تڏهن جڏهن هو وزيراعظم هو. پر پوءِ نجم جي صاف دل ۽ خوش اخلاقي ڪري ڀٽو صاحب يڪدم Realize ڪيو ۽ کيس پرچايو ۽ ڀائنڻ لڳس.
نجم قاضي سان مختلف دورن ۾ گذريل وقت اڄُ به ياد ايندو رهي ٿو. پيٽارو جي ڏينهن ۾ موڪل هئي ته نجم وٽ خيرپور پهچي ويندا هئاسين. ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد هو حيدرآباد ۾ ئي رهيو ٿي جتي سندس وڏي ڀيڻ زبيده جي گھر ساڻس ملڻ ويندا هئاسين. سندس ڀيڻيوو قاضي عبدالرحيم صاحب انهن ڏينهن ۾ وڪالت ڪندو هو. اهي اوڻهين سؤ ٽيهٽ چؤهٽ جا ڏينهن هُئا. اڄُ ان کي پنجٽيهه سال اچي ٿيا آهن. عبدالرحيم قاضي صاحب جسٽس ٿي رٽائرڊ ٿيو آهي. سندس وڏو پُٽ عمران گھاري ۾ ججُ آهي ۽ ان کي به ٻه ٻار آهن. جسٽس صاحب جي وڏي ڌيءَ فرزانا جي شادي منهنجي هڪ ماسات طارق گھلوءَ سان ٿي آهي. ان ريت نجم سان هڪ قسم جي مائٽي به ٿي. نجم کي چار ٻار آهن. وڏي ڌيءَ ساحره جي شادي اسان جي هڪ ٻئي پيٽاري جي ڪلاس ميٽ اقبال قاضي جي سؤٽ سان چار سال اڳ ٿي ۽ هاڻي هو آسٽريليا ۾ رهن ٿا. ٻي ڌيءَ شُمائله جو هاڻي مڱڻو ٿيو آهي ۽ هن MBA ۾ ٽاپ پوزيشن کڻي صدر طرفان انعام ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو آهي. ننڍي ڌيءَ عيني (قرة العين) ڪاليج ۾ آهي. پُٽ شيراز پڙهائيءَ ۾ پنهنجي پيءُ وانگر ته نه پر ماءُ صفيه تي ويو آهي. باقي راندين ۾ پيءُ وانگر هوشيار آهي. هو پاڪستان جي ڪاليج ڪرڪيٽ اليون طرفان ٻه دفعا لنڊن ۾ ڪرڪيٽ کيڏي آيو آهي.
ڀاڀي صفيه (نجم قاضيءَ جي گھرواري)، حيدر آباد جي صدر ۾ رهندڙ زبيدي فئملي سان تعلق رکي ٿي ۽ محمد يعقوب زبيدي جي ڌيءَ آهي. سندس ڀاءُ اقبال زبيدي اڄ ڪلهه سنڌ حڪومت ۾ تعليم کاتي جو ائڊيشنل سيڪريٽري آهي. ٻيو ڀاءُ اعجازُ زبيدي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر آهي. صفيه ڀاڀي ۽ نجم قاضي هڪ ئي ڪُٽنب سان تعلق رکن ٿا. صفيه ڀاڀي جو نانو عبدالرحمان قاضي (جنهن خلافت موومينٽ ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرم حصو ورتو) ۽ نجم قاضيءَ جو ڏاڏو عبدالڪبير قاضي پاڻ ۾ سڳا ڀائر ٿين جيڪي قاضي محمد صديق جا پُٽ هُئا. هنن جي ماءُ (يعني نجم جي والد جي ڏاڏيءَ) جو نالو ’چڱائي‘ Typical سنڌي هئڻ ڪري اسان دوستن کي بيحد وڻندو آهي.
هونءَ نجم قاضيءَ جو خاندان ماشاءَالله ايڏو وڏو آهي جو ان ۾ ڪيترن ئي قسمن جي نوڪري جا ماڻهو ملندا پر سڀ کان گھڻا جج ۽ وڪيل آهن. نجم قاضي جو پڙڏاڏو محمد صديق شريعت ۽ دنيا جي قانون جو وڏو ڄاڻو ٿي گذريو آهي. پري پري جا ماڻهو هن وٽ دنوي ۽ شرعي فيصلن لاءِ ايندا هُئا. انگريزن طرفان هن کي قاضيءَ جو خطاب مليل هو. دراصل ان بعد هيءَ فئملي پنهنجي اصل ذات ’اڄڻ‘ سان گڏ قاضي پڻُ سڏرائي ٿي. اڙدوءَ جي مشهور شاعره فهميده رياض جنهن جي شادي سنڌ جي ادبي ۽ سياسي شخصيت ظفر اڄڻ سان ٿي آهي، اهو پڻ نجم قاضيءَ جو ماسات آهي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترا ئي اديب ۽ Educationalist نجم جي مائٽيءَ ۾ آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جو پُراڻو وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان جي پڻُ نجم سان مائٽي آهي. صفيه ڀاڀيءَ جو ڏاڏو عبدالجبار ۽ حسن عليءَ جو والد صاحب عبدالرحمان (جيڪو ڪراچيءَ جو ميئر ۽ بئريسٽر به ٿي گُذريو آهي) ٻئي سڳا ڀائر هئا. سندن والده اسان جي ڳوٺ هالا جي هُئي. حسن علي جي ٻن ڌيئرن پڻ تعليمي فيلڊ ۾ ڪافي نالو ڪڍيو آهي. نجمه آمريڪا ۾ سنڌ جي تاريخ تي ريسرچ ڪري رهي آهي ۽ شيري رحمان ’هيرالڊ‘ رسالي جي ايڊيٽر رهي چُڪي آهي. حسن علي جي ٻئي ڀاءُ طفيل علي چيف جسٽس سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ کي اولاد نه ٿيو. سندس زال ڊاڪٽر ساران سنڌ جي پهرين ليڊي گائناڪالاجسٽ رهي آهي.
نجم قاضي جي ڏاڏي کي تعليم جو بيحد گھڻو اونو هو. ان ڪري هن انهن ڏينهن ۾ نجم جي والد صاحب قاضي محمد الياس کي تعليم لاءِ علي ڳڙهه يونيورسٽي موڪليو جتي هو فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جو ڪلاس ميٽ هو. سنڌ جي دوري وقت، خيرپور مان لنگھندي ايوب خان هميشه قاضي صاحب سان هلي ملي ملڻ لاءِ ايندو هو. قاضي محمد الياس 1901ع ۾ ڄائو. بختيارپور جو اميد علي قريشي صاحب، ڪمشنر قاضي سچيڏنو صاحب، الهه ڏنو سيال (چيئرمئن پبلڪ سروس ڪميشن)، هاڻوڪي سفير ظفر شيخ جو والد صاحب سندس هم عمر ۽ دوست هئا. نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هن سياست ۾ حصو ورتو ۽ مسلم ليگ خيرپور ضلعي جو چيئرمئن ٿي رهيو (غوث علي شاهه صاحب انهن ڏينهن ۾ سيڪريٽري هوندو هو) پاڻ 1973ع ۾ گُذاري ويو.
نجوءَ جي مائٽي اسانجي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ رفيع ڪاڇيلو سان پڻ آهي. رفيع جي ٻي ماءُ ۽ سندس ننڍي ڀاءُ رفيق جي سڳي ماءُ ’بانو‘ نجم قاضيءَ جي سهري يعقوب زبيدي جي سڳي ڀيڻ ٿئي يعني صفيه ڀاڀي ۽ رفيق ڪاڇيلي وارا پُڦاٽ ماروٽ ٿين. سنڌ جي مشهور ليکڪ ۽ وڪيل عبدالاحد صديقي (FAWS) جي ڀائٽي ساجده جي شادي نجم جي ڀائٽي، ڊاڪٽر مُنير سان ٿي آهي ۽ نجم جي ٻي ڀائٽي ، نظير احمد جي شادي قاضي سچيڏني صاحب جي ڏهٽي ذڪيه سان ٿي آهي.
اڄ ڪلهه ڇوڪرين جي پڙهائي عام ٿي وئي آهي پر انهن ڏينهن ۾ جڏهن اڃان ڇوڪرن جي پڙهائيءَ تي به ڌيان نه ڏنو ويندو هو، نجم جي والد صاحب نه فقط پنهنجن پُٽن کي پر ڌيئرن کي پڻ اعلى تعليم ڏني. نجم جي وڏي ڀيڻُ حميده جيڪا عبدالستار قاضي (سابق ائڊوڪيٽ جرنل) جي زال آهي ۽ ننڍي ڀيڻ فريده جيڪا قاضي عزيزُالله (پرنسپال ۽ صدر سنڌ ليڪچرار ائسوسيئيشن) جي زال آهي، ٻنهي جي ڊبل ايم اي ٿيل آهي.
ٺارو شاهه ۽ خيرپور جا هي قاضي شروع کان سوشل رهيا آهن. شادي مُراديءَ جو ڪاڄُ نه هُجي يا برٿ ڊي وغيره، ويجھا توڙي پري جا سڀُ اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن. ۽ هڪ ئي وقت جيڪڏهن سنڌ جي ڪيترن ئي هستين سان ملڻو هجي ته هنن قاضين جي ڪا دعوت ضرور اٽينڊ ڪجي. ۽ هونءَ به نجم قاضي وارا نه فقط دعوت ڏيندا اهن پر مهمانن تي ايترو زور ڀريندا آهن جو هو پڪ سان دعوت ۾ اچن. ان جا ٻيا ته ڪيترائي مثال آهن پر هڪ اهڙو آهي جيڪو ڪڏهن به نه وسرندو. هڪ دعوت ۾ نجم جو هڪ سال جونئر سيد پرويز شاهد (هاڻ ميجر جنرل) دعوت ۾ نه اچي سگھيو. تن ڏينهن ۾ هو ڪئپٽن يا شايد ميجر هو. سندس ٽنگ ڀڄي پئي هُئي. نجم قاضيءَ ڪلاڪ کن ته انتظار ڪيو ان بعد جيپ کڻي سڌو ملٽري اسپتال ويو ۽ پٽو چڙهيل شاهد کي ڪڇ تي کڻي، علاؤالدين جي جن وانگر اچي حاضر ٿيو.
نجم قاضي دعوتون Attend ڪرڻ جو به مڙس ماڻهو آهي. سندس ڪلاس ميٽ اقبال تُرڪ (هاڻي ڪورنگي فشريز اٿارٽِيءَ جو MD) ته هميشه دعوت ۾ غير حاضر مهمانن کي ٻئي ڏينهن اهو چئي ٽوڪيندو آهي: ”شاباس هُجانوَ. توهانجي جاءِ تي نجم قاضيءَ کي دعوت لاءِ فقط هڪ دفعو هڪل ڪريان ته هينئر جو هينئر، ڏينهن تتي جو، گلشن اقبال کان ڊفينس منهنجي گھر تائين پيرين پيادو اچي نڪري.“
بهرحال نجم جي دعوت ۾ اسان جي اهميت هجي يا نه پر اسان جي دوستن جي دعوت، بنا نجُوءَ جي غير اهم ۽ بي سواد سمجھي ويندي آهي. پاڻ عمر ۾ جيتوڻيڪ پنجاهه کان به ٽپي ويو آهي پر سندس چست ۽ ملٽري ڪٽ جسم وانگر سندس چرچا ڀوڳ اڄُ به جوان آهن.
نجم قاضي آرمي مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد ”بولان ڪاسٽنگ انڊسٽريز“ ۾ آيو جتي اڄ ڪلهه ڊپٽي جنرل مئنيجر (ائڊمنسٽريشن) آهي. سندس ڄم جي تاريخ پهرين آڪٽوبر 1947ع آهي.

الطاف شيخ
5 آڪٽوبر 1997ع
ڪراچي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ