ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي تاريخ تي مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي فارسيءَ ۾ لکيل تاريخي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جي ٽئين جلد جو سنڌي ترجمو پيش ڪري رھيا آھيون. ھن ڪتاب جو مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سنڌيڪار مخدوم امير احمد آھي.
مير علي شير قانع جو بزرگ سيد شڪر الله شيرازي، شاهه بيگ ارغون جي زماني 928هه/1521ع ۾ شيراز مان سنڌ ۾ آيو. مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام ڪتاب 1181هه/1767ع ۾ لکي ٽن جلدن ۾ ورهايو. حقيقت ۾ مير علي شير ’تحفة الڪرام‘ لکي سنڌ ۽ سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي، جيڪڏهن هي ڪتاب نہ هجي ها تہ اڄ سنڌ جي تاريخ جو گهڻو حصو ضايع ٿي چڪو هجي ها. تحفة الڪرام“جي ٽن جلدن مان پھريون ۽ ٻيو جلد برصغير جي تاريخ بابت آهي ۽ ٽيون جلد سنڌ لاءِ مخصوص آهي. ھي جلد سنڌ ۾ راءِ گهراڻي کان وٺي ڪلھوڙن جي حڪومت واري زماني جي تاريخ تي بنيادي مواد مھيا ڪري ٿو. 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1975ع ۾ ۽ چوٿون ڇاپو 1994ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ