ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران خوبصورت شاعر رياض مشوري جي شاعريءَ جو مجموعو ”ريگزارن جي رستن تي“ اوھان اڳيان پيش آھي.
رياض مشوريءَ جي ھن شعري مجموعي ۾ سندس غزل، ڪافيون، وايون ۽ سرائيڪي غزل ۽ وايون شامل آھن. رياض مشوريءَ ڪافي سارين جديد ۽ قديم شعري صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي ۽ انھن سان نڀاءُ ڪيو آھي، پر ھو غزل ۽ ڪافيءَ ۾ ڪماليت رکندڙ شاعر آھي. رياض جي ڪافين جو رنگ نرالو ۽ الڳ سڃاڻپ آھي. سرائيڪي سندس مادري ٻولي آھي تنھنڪري ھُن سرائيڪي شاعريءَ ۾ پڻ سٺا رنگ ڀريا آھن.
ھي ڪتاب 2022ع ۾ رومي ڪتاب گهر، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي رياض مشوريءَ جي مھربانيءَ سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ