ڪتاب جِي فھرست

ديباچو

پر سال اسڪول جي مئگزين ۾ انگريزي مضمون کٽي پيا. ڊاڪٽر رابند ناٿ ٽئگور جي ”پوسٽ ماستر جي ڳالهه“ پڙهي ۽ پڙهائي هيم. دل جي راز،(Mystery of the heart) جي سري هيٺ ”جهان آرا“ جي ڳالهه لکي ويٺس. خيال ڪيم ته اهڙا واقعا سچ پچ دنيا ۾ گهڻائي پيا ٿين؛ پوءِ ڇو ويچاري عورت کي ”بيوفا“ لفظ سان ننديو وڃي ٿو؟ هوءَ ته بي زبان عصمت جي ديوي آهي ۽ ڪجهه به ورائي نٿي چوي؛ مگر اسان کي ائين ڪرڻ لائق نه آهي. اسان کي هن ڏانهن سچي محبت ۽ عمدو خلوص هئڻ گهرجي.
هيءَ جهان آرا ڪا سچي پچي لطيف مالهيءَ جي ڌيءَ ڪانه آهي، ۽ جيڪي به ماڻهو هن افساني ۾ آيا آهن، اهي ڪي سچيون هستيون به ٿوريون ئي آهن. اهي سڀ منهنجي دل جي رونق آباد جا باشندا آهن ۽ نه ڪنهن ٻيءَ ولايت جا. دل ۾ خيال آيم ته ڪنهن ڏينهن انهيءَ دلڙيءَ جي رهاڪن جو قصو دوستن جي خدمت ۾ پيش ڪيان. گهڻن دوستن به ترغيب ڏني ته ڪو ناول لکان.
آخر ڪمر ڪشيم ۽ اهو خيال ڪيم ته لکان اهڙيءَ طرح، جو نوجوان شاگرد پڙهي نه رڳو مزو وٺن، پر ڪجهه پرائين به. انهيءَ ڪري ضروري هو ته هن ناول جو نمونو ٻين افسانن کان قدري ٻئي رنگ ۾ هجي. انهيءَ ويچار ڪري گهڻن نقطن تي زياده زور ڏنو ويو آهي، جيئن ته اتفاق جي ضرورت تي ڇهين باب ۾، انهيءَ لاءِ ته ڀل ته هندو ۽ مسلمان شاگرد پاڻ ۾ اتفاق، محبت ۽ خلوص سان هلن. قدرت جي عجيب ۽ من موهيندڙ نظارن جو ذڪر به گهڻن هنڌ آندو ويو آهي ۽ انساني امنگن ۽ جذبن جو به خاص انهيءَ مقصد تي جوڳو اپٽار ڪيو ويو آهي. سچي بادشاهه ۽ سچي وزير جو فوٽو به ڏنو ويو آهي. سچن فقيرن جي پڻ تصوير ڪڍي ويئي آهي، ۽ ڏيکاريو ويو آهي ته سچن فقيرن جي صحبت ائين آهي جيئن پارس پٿر جي، جو ٽامي کي به سون ڪيو ڇڏي. دنيا اهڙن نيڪ هستين کان خالي نه آهي، پر ڪو ڳولا ڪري!
هن ڪتاب ۾ گهڻو خوض ۽ خيال ڪري، ڏکيا عربي ۽ پارسي لفظ گهٽ ڪم آندا ويا آهن، جنهنڪري اميد اٿم ته ڪوبه دوست دليئون ڏوراپو ڪونه ڏيندو. اصطلاحن ۽ مروج محاورن جي پاڪائي جو ويچار به وس آهر ڪيو ويو آهي. اڻ سڌي گفتي کي رواج ڏيڻ واسطي، ڪٿي ڪٿي اهو به ڪم آندو ويو آهي. جي هيءَ ناچيز خدمت به قبوليت جي درجي کي پهتي، ته اهڙي ڪا ٻي عزت؟
آخر ۾ آئون هي ناچيز نذرانو پنهنجي پياري ڀاءُ مرحوم عبدالفتاح، (جو پڻ ارڙهن ورهين جي ننڍڙيءَ ڄمار ۾، ”جهان آرا“ وانگر سڀ آسون ۽ اميدون دل ۾ پائي، حقيقي زندگيءَ جو جامو پهري ويو) جي يادگيريءَ ۾ سچيءَ سڪ ۽ محبت سان پيش ڪيان ٿو، ۽ ان تي ۽ ”جهان آرا“ تي هي ماتم ڪيان ٿو ته:
ڦول تو دو دن بهارِ جانفرزا دکلا گئي،
حسرت ان غنچون په هي جو بن کلي مرجها گئي.

خيرپورميرس،
اپريل 1931ع
احقرالعباد عبدالزاق

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ