انور پيرزادي جون ڪھاڻيون
ھن ڪتاب ۾ انور پيرزادي جون آڳاٽيون يعني 1971ع – 1972ع ۾ پنن تي مَس واري پين سان لکيل ڪھاڻيون شامل آھن. انور پيرزادي جي انھن ڪھاڻين جي خاص ڳالھ اھا آھي تہ اھي ڪھاڻيون سندس سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھڻ دوران ۽ ڪورٽ مارشل ٿيڻ کانپوءِ واري دور جي نمائندگي ڪن ٿيون. جن ۾ سندس جواني واري زندگي جي ھڪ دور جي آتم ڪٿا واري جهلڪ بہ ملي ٿي.