سڄڻ تنھنجي سار
انورالدين جتوئي سنڌ جو يگانو راڳي ۽ استاد ھو. ھن جي رڳ رڳ ۾ راڳ ۽ سُر ڀريل ھو. ھن راڳ جي فن کي ڪڏھن بہ ذاتي ڪمائيءَ جو ذريعو نہ بنايو پر پنھنجي عشق جي تڪميل جو وسيلو سمجهيو. ھن ڪتاب ۾ انورالدين جتوئيءَ جي زندگي، شخصيت ۽ فن تي مختلف ليکڪن پاران لکيل مقالا، تاثراتي لکڻيون، پروفائيل، انٽرويو ۽ ٻيو مواد شامل آھي.