پکيئڙا ولر کان وڇڙيا
گوبند مالھيءَ جو ورهاڱي جي پسمنظر تي لکيل هيءُ ناول سندس اوائلي ناولن مان آهي. هن ناول ۾ گوبند مالھيءَ پنھنجي ٻالڪپڻ ۽ جوانيءَ جي پوپٽن جھڙن پلن کي ياد ڪندي، سامتيءَ جي ڳوٺ جي زندگيءَ جو چٽ چٽيو آهي. هن ناول جو مکيہ ڪردار ”ڪُندن“ آهي. هن ناول جو مکيہ موضوع آهي ”ڌرتيءَ جي ڳالھ، ڌرتيءَ کان وڇڙڻ جو درد“. هيءُ ڪتاب جو سنڌ ۾ ڇپيل ٻيو ڇاپو آهي. جڏهن ته پهريون ڇاپو ڀارت ۾ ڇپيو هو. ورهاڱي جي واقعن جو بيان پنهنجي ڳوٺ ”ٺارو شاھ“ جي پسمنظر ۾ ڪيو ويو آهي.