ساٿ جي موسم
ڪينجهر جي اولھندي ڪناري جهمپير سان تعلق رکندڙ رسول بخش درس جي سڃاڻپ جا ڪيترائي پاسا آھن، ھو قومي ڪارڪن ھجڻ سان گڏ مھمان نواز ۽ پيار ڏيندڙ انسان ھيو. رسول بخش درس جي ڪھاڻين ۾ ڪردارن، واقعن، لفظن، منظرن ۽ مڪالمن ۾ ڪا ڌاريائپ ناھي، ھو اھي سڀ پنھنجي آسپاس جي ماحول مان کڻي ٿو. اھوئي سبب آھي جو سندس ڪھاڻين ۾ ڪٿي ڪينجهر جهلڪندي نظر ٿي اچي تہ ڪٿي جهمپير، ڪٿي سنڌ جي روايتي مھمان نوازي.