جيئن سو تارو صبح جو (آغا سليم: شخصيت ۽ فن)
آغا سليم سنڌي ادب جو ستارو رھيو آھي. افساني، ناول، مضمون، سفرنامي، ناٽڪ نويسي کان لطيفيات تائين ھن سنڌي ادب جي جهول ڀري آھي. ھن اينٿالاجي مالھا ڪتاب ۾ سندس لکيل چونڊ ڪھاڻيون، نمائندہ ناولن جا منتخب باب، نمائندہ ناٽڪ، شاعري، سفرناما، انٽرويوز، مھاڳ، مقالا ۽ مضمون، سندس شخصيت ۽ فن بابت ھمعصر ليکڪن جا لکيل مضمون ۽ تاثر شامل آھن.