جديد صحافت
ھي ھڪ اھم ڪتاب آھي جنھن ماس ڪميونيڪيشن جي شاگردن سان گڏ صحافين جي سِکيا جا موضوع شامل آھن. ڪتاب ستن بابن تي مشتمل آھي جنھن ۾ عام ابلاغ جي مختلف صنفن، ماس ڪميونيڪيشن جي ذريعن، صحافت سان لاڳاپيل مختلف وصفن، عام تعلقات، اشتھارن، خابرو ادارن، خبرن، ميڊيا جي مختلف شعبن پريس جي قانونن ۽ ضابطن سميت ٻين موضوعن تي تفصيلي لکيو ويو آھي.