جـن سين لنئون لاڳي, ليکڪ : اقرار پيرزادو

جـن سين لنئون لاڳي

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : جـن سين لنئون لاڳي
ليکڪ : اقرار پيرزادو
ڪيٽيگري : شخصيتون ۽ خاڪا
ڇپيندڙ : امبر پبليڪيشنز
شايع ٿيڻ جو سال : 2015
شامل ڪيو ويو : 2016-12-02
ڏِٺو ويو : 6133 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1467 ڀيرا
ڪتاب ”جن سين لنئون لاڳي“ ٻلهڙيجيءَ سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ صحافي اقرار پيرزادي پاران ٻلهڙيجيءَ جي ڪردارن تي لکيل خاڪن تي مشتمل آهي، جن کي هن ”مٽيءَ هاڻن ماڻهن جا خاڪا“ سڏيو آهي.
ٻلهڙيجي جيڪا مُهين جي دڙي ويجهو درياءَ ڪپ تي لٽل ماسڪو جي نالي سان مشهور آهي. ان ئي ٻلهڙيجيءَ جي ڪردارن کي پڙهندي مونکي پنهنجي ڳوٺ جا ڪيئي ماڻهو ياد آيا جن تي به ايئن ئي لکي سگهجي ٿو، پر اها اقرار جي خوبي آهي جو پنهنجي قلم ذريعي پڙهندڙ کي مَنڊي ڇڏيو اٿائين. هن مولائيءَ طبيعت ماڻهوءَ سان منهنجي ملاقات ناهي پر ملڻ جي آس اڃان به وڌي وئي اٿم. سندس ڪجهه خاڪن واريون شخصيتون مون به ٻڌيون آهن پر اقرار انهن جا نوان رخ به سامهون آندا آهن. ڪٿي ڪٿي ته اهڙا احساس لکيا اٿائين جو اکين مان پاڻي اچي وڃي ۽ ڪٿي ڪٿي ماڻهو کِلي کِلي ٿڪجي ٿو پوي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري شخصيتون ۽ خاڪا مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ