ميرو ڌاڙيل, ليکڪ : طارق اشرف

ميرو ڌاڙيل

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ميرو ڌاڙيل
ليکڪ : طارق اشرف
ڪيٽيگري : ناول
ڇپيندڙ : سنڌي ساهت گهر
شايع ٿيڻ جو سال : 2016
شامل ڪيو ويو : 2018-02-26
ڏِٺو ويو : 4394 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1507 ڀيرا
ناول بابت طارق اشرف لکي ٿو:
”جيڪڏهن مان اهو چوان ته ميرو ڌاڙيل سنڌيءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، ته شايد انهيءَ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ ڪنهن به جيئري ڌاڙيل تي ناول لکيو نه ويو آهي. (گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر مان نه گذريو) ٻي ڳالهه اها ته اهو ناول هڪ سچي حقيقت آهي، ٽئين ڳالهه اها ته اهو ناول ميري جي زندگيءَ ۾ ئي ڇپيو آهي. (مِيري سان منهنجي ملاقات جيل ۾ ٿي هئي، جڏهن مان ڊي.پي.آر تحت گرفتار ٿيو هوس!)
پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ”ميرو ڌاڙيل پڙهي ڇڏيو. طارق اشرف جو پهريون ڪتاب پڙهيو اٿم. ختم ڪرڻ بعد ارمان ٿيو ته اسان جا رهبر جيڪڏهن ميرو ڌاڙيل جي ڪردار ۽ اصولن جا هجن ها ته هن حال تي اسان نه پهچون ها. اصول، ڪردار، وفا، پناهه ۽ ساڃاهه جا مثالي نمونا هن ڪتاب ۾ موجود آهن.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ناول مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ