ڌرا سُرنگي ڍاٽ, ليکڪ : امر رائيسنگهه راجپوت

ڌرا سُرنگي ڍاٽ

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ڌرا سُرنگي ڍاٽ
ليکڪ : امر رائيسنگهه راجپوت
ڪيٽيگري : مختلف موضوع
ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن
شايع ٿيڻ جو سال : 2019
شامل ڪيو ويو : 2020-05-31
ڏِٺو ويو : 2063 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 600 ڀيرا
هي ڍاٽ جي منظوم تاريخ آھي، جيڪا راجستان جي چارڻ ڪوي ڊاڪٽر شڪتيڏان ڪَويا لکي لکي آهي، اُها ڍاٽ جنهن جي اَڇن ڌڙن واري ڌرتيءَ جي پنهنجي هڪڙي نرالي سُونھن، ثقافت ۽ سُڃاڻپ رهي آھي. ڍاٽ جي رجواڙن ۽ ريتن جا رکوالا صدين کان سوڍا رهيا آھن. سوڍا جيڪي سُونھن، سورهيائي، ۽ عقُل ۾ مڙني کان مٿڀرا رهيا آھن. سوڍا جيڪي سنڌُ جي سُونهن آھن. سوڍا راجپوت اقوام شاهيءَ جي 36 ڪُلن ۾ شامل پرمار ڪُل سان تعلق رکن ٿا، جن جو ونس اگني ونس آھي. راجپوتن جي تابناڪ تاريخ نہ رڳو راجپوتانا جي ريتيلن ڌڙن ۾ روشن رهي آھي، پر سنڌُ جي ڌرتيءَ تي بہ سورنھن آنا سُونھي آھي. سنڌُ جي مايا ناز شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ پنھنجي ست سُورمين ۾ ٽن راجپوتاڻين کي ڳايو آھي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري مختلف موضوع مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ