وڻ وڻ منجھان واس, مُرتب : گهايل لغاري

وڻ وڻ منجھان واس

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : وڻ وڻ منجھان واس
مُرتب : گهايل لغاري
مُرتب : زين کوسو
ڪيٽيگري : شاعري
ڇپيندڙ : سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
شايع ٿيڻ جو سال : 2018
شامل ڪيو ويو : 2020-06-10
ڏِٺو ويو : 2326 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 433 ڀيرا
. ھي ڪتاب ڪاڇي (جوھيءَ) جي شاعرن مير محرم لغاري، خادم حسين جسڪاڻي، سڪندر اُداس لُنڊ، زين کوسي ۽ گهايل لغاريءَ جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آھي. ڪتاب جي سھيڙ گهايل لغاري ۽ زين کوسي ڪئي آھي. علي دوست عاجز لکي ٿو:
”ڪاڇي (جوهي) جي خوبصورت شاعرن جِي شاعريءَ جو هي مجموعو ڏسي، مون جڏهن ان جي ورقن کي وَرائڻ شروع ڪيو، تڏهن منهنجي اندر جون سموريون دريون، هڪ هڪ ٿي ڪاڇي ڏانهن کُلڻ لَڳيون، جن مان ڪاڇي جا اُٺا، توڙي اڻ اُٺا واسَ ساهَن کي واسَڻ لڳا- مون خيال ئي خيال ۾، هڪ هڪ نظاري کي، اهڙي ته احترام سان، اکين سان لائي، چپن سان چُميو، جيئن ماڻهو، خانهءِ ڪعبه جي ڪُنڊ ۾ لڳل حجر اَسود کي چُمندا آهن. ڪاڇو به ته ائين ئي، حجر اَسود وانگر کير ٿر جبل جي ڪڇ ۾ رکيل پَٽن، پوٺن، وارِي ۽ ٽاڪرِ وارو علائقو وارِي ۽ ٽاڪرِ وارو آهي!“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري شاعري مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ