شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾  درد جو جمال, ليکڪ : فياض لطيف

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال
ليکڪ : فياض لطيف
ڪيٽيگري : لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
ڇپيندڙ : ثقافت کاتو حڪومت سنڌ
شايع ٿيڻ جو سال : 2017
شامل ڪيو ويو : 2020-06-14
ڏِٺو ويو : 4793 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 689 ڀيرا
لطيفيات جي موضوع تي شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سمايل درد جي جمال بابت مختلف سنڌي ۽ اردو مقالن ۽ مضمونن جي مجموعي جي ترتيب ۽ تدوين نامياري محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر فياض لطيف جي محنت جو ثمر آھي. ڪتاب ۾ 26 سنڌي ۽ 6 اردو مقالا شامل ڪيا ويا آھن. اڪبر لغاري لکي ٿو:
”ڊاڪٽر فياض لطيف نوجوان محقق ۽ سُچيت نقاد آهي. هُن شيخ اياز جي جمالياتي شاعريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، سندس اهو تحقيقي ڪم پنهنجي حوالي سان وڏي اهميت جو حامل آهي، پر هُن وٽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جي حوالي سان پنهنجي بصيرت ۽ هڪ پنهنجو نقطه نظر آهي. هُن لطيف جي مختلف فني ۽ فڪري نقطن تي جديد تحقيق ۽ تنقيد جي روشنيءَ ۾ چڱو ڪم ڪيو آهي، پر درد جي موضوع تي مختلف عالمن جي ترتيب ڏنل مقالن/ مضمونن (جنهن ۾ هن جو پنهنجو هڪ مقالو به آهي) تي محيط سندس هي ڪتاب، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال“ پڻ انتهائي قيمتي ۽ ڪارائتو آهي.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ