پکي پيارَ امن جا, ليکڪ : بشير منگي

پکي پيارَ امن جا

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : پکي پيارَ امن جا
ليکڪ : بشير منگي
ڪيٽيگري : سفرنامه
ڇپيندڙ : پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
شايع ٿيڻ جو سال : 2013
شامل ڪيو ويو : 2020-07-10
ڏِٺو ويو : 2046 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 404 ڀيرا
ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر بشير منگيءَ جو لکيل ڏيھي سفرنامو آھي، جيڪو پاڪستان جي چئني صوبن جي ڪيل سفر ۽ مطالعاتي دوري جي يادگيرين تي مشتمل آھي. ھو لکي ٿو:
”منهنجي هن سفر نامي لکڻ جو سبب اهو آهي تہ مختلف صوبن جي ماڻهن جي ڪلچر ۽ رهڻي ڪهڻيءَ کان آگاهه ڪرڻو اٿم. اسان پاڪستان جا چارئي صوبا گهمي ائين محسوس ڪيو تہ اسان هن ڪائنات جي زميني ٽڪري تي هڪ ننڍڙي خوبصورت جزيري جو سير ڪري رهيا هجون. جتان جا ماڻهو خوبصورت، جتان جو ڪلچر شاهڪار، جتان جون ٻوليون مٺڙيون، جتان جي تهذيب هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ هجي، جتان جا درياهه نيل ۽ دجلا کان وڌيڪ خوبصورت ۽ پوتر هجن، جتان جا اولياءَ، درويش ڪامل ۽ صوفي منش هئڻ سان گڏ روحاني رمزون رکندڙ هجن، معدنيات، ميوات، اناج جا ڍير، ماڻهن جي خوراڪ لاءِ ڪافي هجن، اهڙي خوش نصيب ڌرتيءَ جي ڪيتري بہ تعريف ڪجي اها گَهٽِ آهي.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري سفرنامه مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ