ناول

تلاش

نجم عباسي
ناول

ھن ناول جي ڪھاڻيءَ ۾ نہ رڳو اسان کي سماج جا عڪس ۽ اولڙا نظر ايندا پر پورو سماج نظر ايندو ۽ اسان جي سماج ۾ جيڪي بُرايون موجود آھن، انھن جي تصوير نظر ايندي، جاگيردارانہ سماج جا سمورا اولڙا ۽ اوڻايون نظر اينديون،

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

جڏھن ٽڙندا ڳاڙھا گل

شگفته شاهه
ناول

شگفته شاهه ڪافي عرصي کان لکندي پئي اچي. شگفته شاهه سنڌ جي هڪ حساس شاعره آهي. پنھنجي نانءَ جيان ٻاجهاري ۽ شگفتہ ڪلاڪار جو ھي ناول ھن سماج جي ھڪ ڪربناڪ صورتحال جو ڪچو چٺو آھي. جن ھيروز جي سنڌي سماج کي ضرورت آھي، ان کي بہ ھوءَ تفصيل سان پڌرو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آھي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

نورجھان

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
ناول

نورجهان ڊاڪٽر صاحب جي اعليٰ ادبي ذوق جو هڪ ادنيٰ مثال آهي. سندس هي ناول فن ۽ فڪر جي لحاظ کان هر دؤر ۾ پسند ڪيو ويو آهي. هن ناول جي اشاعت کي اٽڪل اڌ صدي ٿيڻ تي آهي پر ان جي سرهاڻ ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي، بلڪه ڏينهون ڏينهن سندس واس وڃي ٿو وڌندو. نورجهان نه فقط فن ۽ فڪر جي خيال کان ٻاهر بلڪه ٻولي جي لحاظ کان پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
هن وقت تائين جيڪي به تاريخي ناول لکيا ويا آهن، تن مان ڪوبه هن ناول سان برميچڻ جهڙو ڪونهي. بلڪه ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي تاريخي ناول نگاري جي حقيقي ابتدا نورجهان سان ئي ٿئي ٿي

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ساهه مُٺ ۾

ماڻڪ
ناول

منير ماڻڪ جو لکيل ناول ”ساهه مٺ ۾“ به هڪ دور جي تاريخ آهي. هي ناول ون يونٽ جي آئيني تسلسل، ڀٽو حڪومت جي دور ۽ ان ۾ پيدا ٿيل حالتن جي پس منظر ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ هڪ غلام قوم جي ساڃاهه وند فرد جي خوف، عدم تحفظ جي احساس، پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اوپرائپ ڀري ماحول مان پيدا ٿيل انديشن جي مڪمل عڪاسي ڪئي وئي آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

اجري ڌرتي ميرا ماڻهو

يار محمد چانڊيو
ناول

”سنڌ جيڪا هميشه امن ۽ صوفين جي سرزمين طور مشهور آهي اها اڄڪلهه مذهبي ڪٽرپڻي ۽ نفرت جو شڪار ٿيڻ لڳي آ. ڪجهه ميرا ماڻهو هن اجري ڌرتيءَ کي ميرو ڪرڻ جو ناپاڪ ارادو رکن ٿا! اڄ ان ڳاله جي ضرورت آهي ته اهڙن ماڻهن جي خراب خيالن کي رد ڪرڻ لاءِ قلم کڻجي! هي ناول لکي يار محمد چانڊئي هڪ پيچرو ٺاهيو آهي جنهن تي سنڌ جي ٻين قلم ڌڻين کي به هلڻ کپي ته جيئن ملي ڪري سنڌ جي تقدس کي برقرار رکي سگهجي!“

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

هائوسنگ سوسائٽي

قرت العين حيدر / منصور ٻرڙو
ناول

هائوسنگ سوسائٽي ورهاڱي جي پسمنظر ۾لکيل ناول آهي، جنهن ۾ 1947ع ۾ هندستان کان لڏي آيل ٻن گهراڻن جو قصو آهي. هن ناول ۾ ورهاڱي جي تصوير پيش ٿيل آهي ته ڪيئن ماڻهن ڪوڙ ڳالهائي ڪوڙا ڪليم داخل ڪري هتي مال ملڪيتون ورتيون ۽ ڪيئن اتي جا سکيا ستابا ماڻهو پنهنجي حقن وٺڻ کان محروم ٿي ويا.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ڳولا

رحمت الله ماڃوٺي
ناول

1987ع ۾ لکيل ھن ناوليٽ کي 2012ع ۾ ڇپايو ويو آھي. رحمت جي نوجواني ۾ لکيل ناول ”ڳولا“ جيڪو سندس الائي ڪيترن پرستارن ته اڻ ڇپيل ئي پڙهي ورتو۔ پر هن درويش کي ڪا فڪر نه رهي ته ناول جو ڇا ٿيندو۔ ۽ هاڻ جڏهن اهو ناول ڇپيو آهي ته ڪُجهه نا معلوم سببن جي ڪري مارڪيٽ ۾ اچي ناهي سگهيو۔

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ماءُ

ميڪسم گورڪي / محمد عثمان ڏيپلائي
ناول

ميڪسم گورڪيءَ جي لکيل ھن ناول جو سنڌيڪار محمد عثمان ڏيپلائي آھي.
روسي ناول نگار ميڪسم گورڪيءَ جو لکيل ھي ناول 1906ع ۾ انگريزيءَ ۾ Mother جي نالي سان ۽ 1907ع ۾ روسي زبان ۾ ڇپيو. ڏيپلائي صاحب 1957ع ۾ ان جو سنڌي ترجمو ڪيو. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1994ع ۾ روشني پبليڪيشڻ ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ٽي ناوليٽ (رُڃ ۽ پڙاڏا، پاتال ۾ بغاوت ۽ لڙهندڙ نسل)

ماڻڪ
ناول

ماڻڪ جي سڃاڻ هڪ منفرد ۽ الڳ ليکڪ واري آهي، جنهن لاء ماڻڪ جي ڪتاب ”حويليءَ جا راز“ جي مهاڳ ۾ شوڪت شورو لکي ٿو ”ماڻڪ، بي رحم، قاتل ۽ ظالم ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان هٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنهن کي سنڌ ادب جا تارا ٺيڪيدار ليکڪ مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن ۽ پڙهندڙ هن کي شوق سان پڙهڻ کانپوءَ گاريون ڏيندا آهن.“
هي ناوليٽ مختلف وقتن ۾ ڪيترائي دفعا ڇپيا پر روشني پبليڪيشن پاران ٽنهي ناوليٽس کي هڪ ئي ڪتاب ۾ 1992ع ۾ ڇپايو ويو.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

معصوم يا دھشتگرد

ڊاڪٽر عمر دراز خان / ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ
ناول

ھي ڪتاب ڊاڪٽر عمر دراز خان جو لکيل ناول آھي جنھن جو سنڌيڪار ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ آھي.
ھي ناول وزيرستان جي ھڪ علائقي جي ڪردارن تي ٻڌل آھي، پر مجموعي طور مذھبي انتھاپسند قوتن جي طريقن ۽ دھشتگرديءَ جي نرسرين طرف اشارو پڻ آھي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ھڪ اداس ڇوڪري

امرتا پريتم / عرفان مھدي
ناول

ھي ڪتاب نامياري ليکڪا امرتا پريتم جو لکيل ناول آھي جنھن جو سنڌي ترجمو عرفان مھديءَ ڪيو.
امرتا پريتم جو لکيل ھي اداس ناول سنڌ جي ھڪ اداس نوجوان عرفان مھديءَ جو پھريون ادبي تجربو ھيو. عرفان مھدي اڄ اسان ۾ موجود ناھي پر سندس ھي ادبي ڪم سندس ياد ڏياريندو رھندو.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

آوارہ

موهن ڪلپنا
ناول

”آوارہ“ جا ڪردار بہ پنھنجي پنھنجي دنيا جا خودمختيار سورما آھن. ٻاھران ايئن پيو لڳندو تہ ھو زماني جي چال سان بدلجندا رھن ٿا، پر جي ٿورو بہ منجهس جهانڪي پائي ڏسبو تہ معلوم ڪبو تہ تہ ھو زماني جي چال سان نہ، پر زمانو ھنن جي چال سان بدلجي رھيو آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1953ع ۾ ڇپيو جڏھن تہ ھي ڇاپو 1994ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

فاتح مُرڪ

جاويد سومرو
ناول

ھي ڪتاب جاويد سومري جو ايم آر ڊي جي تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول آھي، ھن ناول ۾ 80 جي ڏھاڪي ۾ سنڌين پاران شروع ڪيل ان تحريڪ جي ڪھاڻي آھي جنھن ضياء مارشلا کي لوڏي وڏو ھيو. جاويد سومرو لکي ٿو:
”مان ناول بابت فقط اهو چوڻ چاهيندس ته هي تاريخ جو ڪتاب ڪونهي ۽ نه ئي هن ۾ ايم آر ڊي جهڙي عظيم جدوجهد جي سمورن پهلوئن تي لکيو ويو آهي. هن ناول ۾ آيل واقعا ۽ ڪردار حقيقي واقعن ۽ ڪردارن کان متاثر ضرور آهن پر انهن واقعن ۽ ڪردارن جو هوبهو بيان ڪونهن. ناول ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ادبي وڌاءَ به هوندو پر اهو حقيقتن جي ويجهو آهي. ناول جي ڪردارن جي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪنهن سان مشابهت فقط اتفاقي هوندي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ٻاويهه سئو ٻاويهه 2222

قاضي فيض محمد
ناول

ھي سائنسي فڪشن تي مشتمل ناول آھي جنھن ۾ هن اهو رقم ڪيو آهي ته دنيا 2222ع ۾ ڪيئن هوندي. ھن ناول جي خاص ڳالھه اھا اھي تہ ان ۾ سائنسي ايجادن ۽ ترقيءَ کي ذھن ۾ رکندي مستقبل جو ھڪ سماجي ڍانچو تشڪيل ڏنو ويو اھي. سنڌ ۾ اهو پهريون ناول آهي، جيڪو مستقل بيني کي متعارف ڪرائي ٿو ۽ سنڌ ۾ مستقل بيني کي قاضي صاحب هن ناول ”2222“ جي ذريعي متعارف ڪرايو. ناول جو جائزو وٺندي محترم محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
”هن ناول ۾ قاضي صاحب پنهنجي پياري وطن ۽ ان جي غريب ماورئڙن جي بهتر مستقبل جو خواب بيان ڪيو آهي. قاضي صاحب جو هي خواب سڄي انسان ذات جي بهتر مستقبل جو خواب آهي.“

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

اڌوري عشق جو اَلميو

دليپ دوشي لوهاڻو
ناول

مھاڳ ۾ شڪت حسين شورو لکي ٿو:”پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي. عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو.“

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف
صفحا: پهريون 1 2 3 4 5 6 7 8 آخري

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 1024
ڪتابن جو مشاهدو: 3343262
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 890299
2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ