سفرنامه

گنگا گوتم ۽ مان (نيپال جو سفرنامو)

رمضان راھي
سفرنامه

رمضان راھيءَ جو نيپال جو سفرنامو ”گنگا گوتم ۽ مان“ اوھان اڳيان پيش آھي.
رمضان راھي بنيادي طور ڪھاڻيڪار آھي، ان ڪري ھن سفرنامي ۾ واقعاتي تسلسل ۽ بيان جي بي ساختگي سبب ڪھاڻي پڻي جي خوشبوءِ نمايان پئي محسوس ٿئي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ترڪيءَ ۾ چار مسافر

ڊاڪٽر محبوب شيخ
سفرنامه

هن ڪتاب جو پيش لفظ محمد يعقوب مغل ۽ مهاڳ سنڌ جي نامور ليکڪ الطاف شيخ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 30 باب شامل آهن، جيڪي ترڪيءَ جي تاريخ، تعليم، نظام، ثقافت، رهڻي ڪهڻيءَ کي بيان ڪن ٿا. ڪتاب ۾ رنگين تصويرون پڻ شامل آهن.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

مور ان ملائيشيا

مور ساگر
سفرنامه

”مور اِن ملائيشيا“ ڏاڍو دلچسپ سفرنامو آهي ۽ اِهو هڪ شاعر جي اک جي ماڻيل مشاهدن جي نتيجي ۾ لکيو ويو آهي ۽ شاعر جي اک عام اک کان ڌار هُجي ٿي، ان ڪري سفرنامو بہ هڪ منفرد ۽ دلچسپ سفرنامون آهي. مور ساگر جو هي سفرنامو نہ رڳو تاريخي جڳھين جو پس منظر رکي ٿو، پر انساني روين جي ڇنڊ ڇاڻ سان گڏ مور ساگر جي داخلي ۽ خارجي احساسن جي اظھار جو ذريعو بنيل بہ نظر اچي ٿو.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

بيجنگ کان بئنڪاڪ جي بازارن تائين

آفتاب سومرو
سفرنامه

ھي ڪتاب 2016ع ۾ سچائي اشاعت گهر پاران ساحل پرنٽرس حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو،

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

سون ورني ڌرتي

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ
سفرنامه

ھي فرنامو قذافيءَ جھڙي قومپرست، انقلابي ڪرنل جي ڌرتيءَ جو سفرنامو آھي. ڊاڪٽر صاحب لبيا جي ماڻھن جي پنھنجي ڌرتيءَ سان محبت جو ھر ھنڌ ذڪر ڪيو آھي ۽ ٻڌايو اٿس تہ لبيا جا ماڻھو ڪھڙي نہ نموني سان، پنھنجي ڌرتيءَ جي معاشي، سياسي ۽ اقتصادي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ڀڳوانن جي ڀونءِ نيپال

بدر ابڙو
سفرنامه

نامياري ليکڪ ۽ محقق بدر ابڙي جو سفرنامو ”ڀڳوانن جي ڀونءِ نيپال“ اوھان اڳيان پيش آھي. بدر ابڙو لکي ٿو: ”گوتم ٻُڌ جي جنم ڀونءِ نيپال ايڏو سھڻو ملڪ ھوندو ! مون ڪڏھن سوچيو بہ نہ ھو. کٽمنڊو ۽ ھنڌ ھنڌ مندر ۽ اسٽوپا آھن، جيئرا جاڳندا. مون ھن کان اڳ سنڌ ۾ جيئرا مندر ضرور ڏٺا ھئا پر اسٽوپا نہ. “
ھي ڪتاب 1996ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ميھڙ کان ماسڪو

ڊاڪٽر محبوب شيخ
سفرنامه

ڊاڪٽر محبوب شيخ 1979ع ۾ روس ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويو ھو ۽ 1983ع ۾ واپس پاڪستان آيو ھو. ان وقت جي روس ۽ حالتن تي لکيل سفرنامو آھي. سفرنامي ۾ تاريخي حوالا بہ ڏنل آھن تہ ليکڪ پنھنجا مشاھدا ۽ تجربا پڻ لکيا آھن. ھن روس جي واقعن، کي اڀاريو آھي ۽ ماڻھن جي سماجي زندگي، ريتن رسمن، وڻج واپار ۽ تھذيب کي پيش ڪيو آھي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ڏوري ڏوري ڏيهه (يورپ جو سفرنامو)

تنوير عباسي
سفرنامه

ھي ڪتاب ليکڪ نامياري شاعر ۽ محقق تنوير عباسي جو يورپ بابت لکيل سفرنامو آھي. هي سفرنامو سولي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ اٿينس، روم شهر، نيپلس، ڪٽپري، لنڊن، نيشنل آرٽ گئلري، برٽش ميوزيم، مادا تساد ميوزيم جي معائني، لسيٽر ۾ يادگار رات، ڪنگس لين، شيڪسپيئر جي شهر، ڊاڪٽر شئڪل ۽ ڊاڪٽر آلچن سان ملاقات، ائمسٽرڊام (هالينڊ)، پئرس وغيره بابت دلچسپ سفري يادگيريون شامل آهن.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

ذوالفقار هاليپوٽو
سفرنامه

زيرِنظر ڪتاب بنگلاديش جي گايءَ واري هنڌ ڍاڪا جي دوري بابت آهي، جتي هو پيپلز سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جيڪا ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال“ جي موضوع تي ڪوٺائي ويئي هئي. ’ڍاڪا جو سفر‘ حقيقت ۾ هڪ تاريخي ۽ تجزياتي دستاويز آهي، جنهن مان پڙهندڙ گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا، خاص ڪري هو پاڪستان جي ٺهڻ کان ٻه اڌ ٿيڻ، ان کان پوءِ جي صورتحال، بنگالين سان ٿيندڙ ڏاڍ، اتي رهندڙ بهارين جي سوچ، پاڪستان فوج جي ڏاڍاين ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، جيڪا ان دؤر جي اخباري سينسرشپ سبب اسان تائين نه پهچي سگهي.
مجموعي طور تي هيءَ ڪاوش ذوالفقار هاليپوٽي جي محنت جو اهڙو ثمر آهي، جنهن مان ساڃاهه وند پڙهندڙ ڀرپور لاڀ پرائي سگهن ٿا.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

پکي پيارَ امن جا

بشير منگي
سفرنامه

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر بشير منگيءَ جو لکيل ڏيھي سفرنامو آھي، جيڪو پاڪستان جي چئني صوبن جي ڪيل سفر ۽ مطالعاتي دوري جي يادگيرين تي مشتمل آھي. ھو لکي ٿو:
”منهنجي هن سفر نامي لکڻ جو سبب اهو آهي تہ مختلف صوبن جي ماڻهن جي ڪلچر ۽ رهڻي ڪهڻيءَ کان آگاهه ڪرڻو اٿم. اسان پاڪستان جا چارئي صوبا گهمي ائين محسوس ڪيو تہ اسان هن ڪائنات جي زميني ٽڪري تي هڪ ننڍڙي خوبصورت جزيري جو سير ڪري رهيا هجون. جتان جا ماڻهو خوبصورت، جتان جو ڪلچر شاهڪار، جتان جون ٻوليون مٺڙيون، جتان جي تهذيب هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ هجي، جتان جا درياهه نيل ۽ دجلا کان وڌيڪ خوبصورت ۽ پوتر هجن، جتان جا اولياءَ، درويش ڪامل ۽ صوفي منش هئڻ سان گڏ روحاني رمزون رکندڙ هجن، معدنيات، ميوات، اناج جا ڍير، ماڻهن جي خوراڪ لاءِ ڪافي هجن، اهڙي خوش نصيب ڌرتيءَ جي ڪيتري بہ تعريف ڪجي اها گَهٽِ آهي.“

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

سفر واشنگٽن جو

ڊاڪٽر گورڌن ولاسائي
سفرنامه

گورڌن ولاسائيءَ جو ھي سفر واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ھڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ مقالي پڙھڻ لاءِ ٿيو ھو. سندس ھي سفرنامو آمريڪا ويندڙن لاءِ ھڪ گائيڊ آھي.
سڀني جو اهو زور هو ته سنڌي ٻولي ۾ جيڪي سفرناما هيستائين ڇپيا ويا آهن اهي تقريبن پروفيشنل مسافرن جا لکيل آهن، ڀلو ٿئي ته جي ڪو شاگرد پنهنجو ٻاهر ملڪ جي سفر ۽‌ لاڳاپيل حالتون بيان ڪري. ليکڪ جي ڄاڻ موجب هي پهريون ڀيرو ڪنهن شاگرد جي تخليق آهي. ان قسم جي مشاهدي تي ٻڌل ڄاڻ جي اسان جي شاگردن کي تمام گهڻي ضرورت آهي ته جيئن هن قسم جي تجربي مان لاڀ پرائيندي ڪجهه سکي به وٺن ته ٻين ملڪن ۾ وڃڻ دوران ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميل جول ڪيئن رکن ۽ انهي مُلڪ کي ڪهڙي طريقي سان گهٽ ۾ گهٽ خرچ ۾ سُٺي نموني سان گهُمي سگهجي. ساڳي ريت ڪافي لکيل سفرنامن ۾ هروڀرو جي ادبي لفظن جي استعمال سان اهي ڪنهن حد تائين فِڪشن به لڳن ٿا

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

مون به ڏٺو ملائيشيا

ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري
سفرنامه

ھي ڪتاب سنڌ سلامت سٿ جي اھم رڪن ۽ ليکڪ ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاريءَ جو ملائيشيا بابت سفرنامو آھي.
ياد رھي تہ ھي سفرنامو 2011ع جو لکيل آھي جڏھن ڊاڪٽر حفيظ ھڪ عالمي سيمپوزيم ۾ تحقيقي مقالو پڙھڻ لاءِ ھڪ ھفتي لاءِ ڪوالالمپور ويو ھو. ڪتاب ۾ ملائيشيا وڃڻ جي ويزا جي طريقيڪار، اتي سستي رھائش ڳولڻ، مختصر وقت ۾ گهڻو ڪيئن ۽ ڇا ڇا گهمجي، اتان جي ماڻھن جي ريتن رسمن، رھڻي ڪھڻي، کاڌن بابت مضمون، ڪوالالمپور جي ڪراچي ۽ حيدرآباد سان ڀيٽ ۽ ملائيشيا جي رنگينين بابت ڪجه دلچسپ لکڻيون شامل آھن.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

هل هِنئين سين هوت ڏي

مختار جانوري
سفرنامه

هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

وايون وڻجارنِ جون

وينا شرنگي
سفرنامه

هي ڪتاب ھند جي نامياري ليکڪا وينا شرنگي جو اسپين، پورچگال، پئرس، آمريڪا ۽ لنڊن جي سفر تي آڌارت سفرنامو آهي. پرڀو وفا ڇڳاڻي لکي ٿو:
”وينا جو هيءُ سفرنامو مونکي بيحد وڻيو. سندس ٻولي عالماڻي، مِٺي ۽ مؤثر سهڻي ۽ سپڪ آهي. سفرنامي کي دلچسپ ۽ دلڪش بڻائڻ ۾ وينا ڪافي محنت ڪئي آهي. مونکي نه صرف اُميد آهي پر يقين آهي ته مون وانگر ٻين پاٺڪن کي به هي سفرنامو دلچسپ لڳندو ۽ سنڌي جاتي هن جو خيرمقدم ڪندي.“

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

نيل نديءَ ڪناري

آفتاب ميمڻ
سفرنامه

آفتاب ميمڻ جو هي ناول نما سفرنامو آهي، جيڪو نه صرف تاريخ ۽ تهذيب جي ڄاڻ سان ڀرپورمعلوماتي ۽ تفريحي ڪتاب آهي پر ان ۾ هڪ اهڙي پيار ڪهاڻي به شامل آهي جا دل کي ڇُهندڙ ۽ خوابناڪ آهي.
مصر جي نيل نديءَ جو ذڪر ڪندي هو اسان کي لنڊن جي ٽيمز ندي، يورپ جي وولگا ۽ سنڌ جي سنڌو نديءَ جي به ڪَپَر تي وٺي اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو تاريخ ۾ به جهاتي پائي ٿو ته انسان جي رَوين جي به ڳالهه ڪري ٿو. سفر دوران ساڻس ملندڙ ماڻهن جا خاڪا هو دلچسپ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سفرنامو هڪ گائيڊ بوڪ وانگر بَور نه پر هڪ دلچسپ ناول لڳي ٿو، جنهن جا ڪردار انهن مُلڪن جي گهٽين ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف
صفحا: پهريون 1 2 3 آخري

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 1153
ڪتابن جو مشاهدو: 3580666
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 977125
2021 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ