تعليم

سوا سيڪنڊ ۾ دور

محمد موسا ڪمال خان انڙ
تعليم

ڪتاب ”سوا سيڪنڊ ۾ دور (گرامر چوٿين درجي لاءِ)“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب جو ليکڪ محمد موسا ڪمال خان انڙ آھي. ھن ڪتاب ۾ سڄي گرامر جو انتخاب ڏنل آھي. ھن ڪتاب ۾ جھڙوڪ سڄي گرامر جو انتخاب قلمبند ڪيل آھي. ھي ڪتاب ايڇ – احمد اينڊ سنس بڪسيلرس ۽ پبلشرس شاھي بازار حيدرآباد پاران 1956ع ۾ ڇپايو ويو

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

سولو سنڌي گرامر ۽ مضمون (ڀاڱو پھريون)

جمال الدين ھوت خان خاصخيلي
تعليم

ٽئين ۽ چوٿين درجي جي شاگردن لاءِ لکيل ھن ڪتاب ”سولو سنڌي گرامر ۽ مضمون (ڀاڱو پھريون)“ جو مصنف جمال الدين ھوت خان خاصخيلي آھي.
گرامر، ٻوليءَ جي سونھن آھي. شروعاتي سنڌي ڪلاسن جي شاگردن جي آسانيءَ لاءِ ھيءُ ننڍڙو گرامر تيار ڪيو ويو آھي. گرامر سان گڏ مضمون، آکاڻيون ۽ خطن وغيرہ جا نمونا پڻ ڏنا ويا آھن.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

گرامر ڀاڱو پھريون (ٽئين ۽ چوٿين درجي لاءِ)

محمد اسماعيل عرساڻي / اللہ بخش ٽالپر
تعليم

فيبروري 1955ع جي نئين سنڌي نصاب ۾ ٽئين ۽ چوٿين درجي ۾ بہ گرامر رکيو ويو. تنھنڪري ھن ڀاڱي ۾ درجي ثئين ۽ چوٿين جو گرامر ڌار ڪورس موجب لکي پيش ڪيو ويو آھي. گرامر علم جو ھڪڙو حصو آھي. گرامر مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ٻوليءَ ۾ صحيح لفظ ڪھڙا آھن ۽ غلط لفظ ڪھڙا آھن. ھي ڪتاب بنيادي طور سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ پرائمري جي شاگردن لاءِ اھم آھي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

احمد نئون سنڌي گرامر

حاجي حقير ابن مڱڻ
تعليم

ٽئين درجي جي شاگردن لاءِ لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ حاجي حقير ابن مڱڻ آھي. گرامر علم جو ھڪڙو حصو آھي. گرامر مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ٻوليءَ ۾ صحيح لفظ ڪھڙا آھن ۽ غلط لفظ ڪھڙا آھن. ھي ڪتاب بنيادي طور سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ پرائمري جي شاگردن لاءِ اھم آھي. ھي ڪتاب ايڇ – احمد اينڊ سنس بڪسيلرس ۽ پبلشرس شاھي بازار حيدرآباد پاران 1977ع ۾ ڇپايو ويو،

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

آسان سنڌي صرف نامہ

غلام اصغر ونڊير
تعليم

غلام اصغر ونڊير صاحب جو لکيل ھڪ ڪتاب، ”سنڌي کٽمٺڙا يا اصطلاحات اصغر“ جي نالي سان آر- ايڇ احمد اينڊ برادرس وارن حيدرآباد مان سنه 1956ع ۾ ڇپايو هن ۾ اصطلاحات معنيٰ ۽ مثالن سان سمجهايل آهن.ونڊير صاحب جو ھي ڪتاب ”آسان سنڌي صرف نامہ“ سنڌي گرامر سکندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. ھن ڪتاب ۾، سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ منجهان، فقط ”صَرف“ کي، عربيءَ جي صَرف پٽاندر، سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، جڏھن ته ”نَحو“ جو ڀاڱو ڇڏيل آھي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

سنڌي درسي ڪتاب (ڀاڱو پھريون)

ڊاڪٽر غلام علي الانا
تعليم

غير مادري زبان وارن آفيسرن / ملازمن لاءِ سنڌي سکيا جو ڪتاب آھي جيڪو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نصاب ۽ منظوريءَ مطابق تيار ڪيو ويو آھي.
سرڪاري ملازمن کي سنڌي ٻولي سيکارڻ جي سلسلي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اسڪيم آف اسٽڊيز موجب سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ نصاب ٺاھڻ جو اختيار ٻولي اٿارٽي کي مليو. بي پي ايس 5 کان 17 ۽ مٿي واري آفيسرن لاءِ ٺاھيل ھن نصاب ڪميٽي جا ميمبر محمد ابراھيم جويو، امين لغاري ۽ تاج جويو ھيا جڏھن تہ نگراني چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

تعليمي فلسفو

محمد اسماعيل عرساڻي / سيد قادر بخش شاهه بخاري
تعليم

تعليم ڇا آھي، ان جو انسان ۽ انسانيت سان ڪڏھن کان ۽ ڪھڙو واسطو آھي. ان جا اثر انسان تي ڪھڙا پون ٿا؟ صحيح تعليم جا اھڃاڻ ڪھڙا آھن؟ ڪنھن کي تعليم يافتہ چئجي ۽ ڪنھن کي نہ، تعليم ڪڏھن کان ۽ ڪھڙي قسم جي ڏجي؟ تعلين جي وصف، اصول، نظريا ۽ ان قسم جا جواب ۽ تعليمي فلسفي بابت مختلف باب ھن ڪتاب ۾ شامل آھن.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت

يوسف جميل لغاري
تعليم

نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري پنهنجي هن ڪتاب ”تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت“ ۾ سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ جا حل ٻڌايا آهن. هن ڪتاب ۾ توهان کي تعليم جو نوحو گھٽ ۽ ڪارائتيون صلاحون وڌيڪ ملنديون، جيڪي نه رڳو حڪومت پر عملدارن لاءِ به آهن ته والدين لاءِ به، معاشري لاءِ به آهن ته اسڪول انتظاميہ لاءِ به، استادن لاءِ به آهن ۽ شاگردن لاءِ به. هن ڪتاب ۾ تعليم ۽ تدريس ڇا آهي، اهو به سمجھايو ويو آهي، ته اها به وضاحت ڪئي وئي آهي ته تعليم جو نفسيات سان ڪهڙو لاڳاپو آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

ڊاڪٽرشاهمراد چانڊيو
تعليم

جيڪڏهن توهان دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا پر انهن جون تمام مهانگيون فيون ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل سامهون آهي ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي جو لکيل هيءُ ڪتاب توهان جي مڪمل رهنمائي ڪندو ته توهان ڪهڙي طريقي سان دنيا جي ڪهڙي بـ ملڪ جي ڪهڙي به يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند مطابق داخلا وٺي پنهجو تعليمي خواب پورو ڪري سگهو ٿا. دنيا جي هر کنڊ ۽ هر ملڪ جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ داخلا جي طريقيڪار کان وٺي، ويزا، فيس، فنڊنگ، اسڪالرشپس، رهڻي ڪرڻي، سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي پهلوئن سميت مڪمل ڄاڻ ڏيندڙ هيءُ ڪتاب سنڌ جي سمورن شاگردن، استادن، والدين سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۽ خصوصاَ سنڌ حڪومت جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ ”گولڊ مائن“ (سون جي کاڻ) جي حيثيت رکي ٿو.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

پٽمئن شارٽ هئنڊ ڪورس

حبيب سنائي
تعليم

شارٽ هينڊ سکڻ بابت سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل هي ڪتاب سکندڙن لا انتهائي مفيد ثابت ٿيندو. ترجميڪار حبيب سنائي صاحب آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪِٿي؟

يوسف سنڌي
تعليم

”ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪٿي؟ “ نامياري ليکڪ يوسف سنڌيءَ جي ترجمي سان عالمي جنرل ناليج جو آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران 2012ع ۾ساحل پرنٽرس وٽان ڇپايو. ٿورائتا آهيون يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.
هن ڪتاب ۾ جن جن به شخصيتن جو ذڪر آهي، اهي نه رڳو ڊگهي عرصي تائين عالمي ميڊيا تي ڇانيل رهيون، پر هنن پنهجن خطن / علائقن ۾ به وڏا اثر ڇڏيا. ۽ وقت گذرڻ سان گڏ انهن مان ڪيتريون شخصيتون جهڙوڪ: چي گويرا، سلواڊور آلندي، سوئيڪارنو، جارج واشنگٽن، جدوجهد ۽ آزادي جي علامت طور مختلف ملڪن ۾ استعارو بنجي ويون. ته ڪي وري عيدي امين ۽ پول پاٽ جبر، ظلم ۽ دهشت جا اهڃاڻ بنجي پيا. ٽراٽسڪي، خروشيف ۽ مسزبندرا نائيڪي جو نالو تبديلي ۽ جمهوريت جي علامت طور ورتو وڃي ٿو.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

سهيڙ: سر عبدالحئي سومرو
تعليم

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 1153
ڪتابن جو مشاهدو: 3580753
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 977149
2021 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ